گلگت بلتستان چونڊون: 21 تڪن جا نتيجا مڪمل، 9 سيٽن سان پي ٽي آءِ کي سرسي

گلگت بلتستان (اين اين آءِ) گلگت بلتستان ۾ چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن وقت تائين موصول ٿيل 21 تڪن جا غير سرڪاري، غير حتمي نتيجن ۾ وفاق جي حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 9 سيٽن سان پهرين نمبر تي آهي جنهن کان پوءِ آزاد اميدوار 7 سيٽن سان ٻين نمبر تي آهن. ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) 3 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري سگھي آهي جنهن کان پوءِ مسلم ليگ ن 2 سيٽون حاصل ڪيون آهن. واضح رهي ته گلگت بلتستان جي ٽين قانون ساز اسيمبلي جي 24 جنرل سيٽن لاءِ 4 عورتن سوڌو 330 اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو، پر ووٽنگ 23 سيٽن تي ٿي ڇو جو پي ٽي آءِ گلگت بلتستان جي صدر جسٽس ر جعفر شاهه جي ڪورونا وائرس سبب وفات کان پوءِ جي بي ايل اي 3 ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون. 15 نومبر تي ٿيل چونڊن ۾ ووٽنگ جو عمل گھڻو ڪري پرامن رهيو ۽ آچر جي صبح جو 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين سواءِ ڪنهن وقفي جي پولنگ جاري رهي جڏهن ته سڄي ڏينهن ۾ مختلف تڪن ۾ پولنگ هموار رهي. نتيجا هن وقت تائين موصول ٿيل غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب جي بي اي 1 گلگت ون مان پيپلز جو اميدوار 10 هزار ووٽ کڻي پهرين نمبر تي رهيو جڏهن ته آزاد آزاد اميدوارن سلطان رئيس 7 هزار 482 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي آهي. جي بي ايل اي 2 گلگت 2 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار فتح الله 6 هزار 696 ووٽ حاصل ڪري رڳو 2 ووٽن جي سرسي سان ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي جميل احمد 6 هزار 694 ووٽ حاصل ڪيا. جي بي ايل اي 4 نگر ون ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار امجد حسين اسلامي تحريڪ پاڪستان جي ايوب وزير کي شڪست ڏني. جي بي ايل اي 5 نگر ۾ آزاد اميدوار جاويد علي منوا ڪاميابي حاصل ڪئي. جي بي ايل اي 7 اسڪردو ون پي ٽي آ3 جي اميدوار راجا زڪريا خان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مهدي شاهه کي شڪست ڏئي ڪاميابي جو جشن ملهايو. جي بي ايل اي 8 اسڪردو 2 تي مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) جي محمد ڪاظم پيپلز پارٽي جي محمد علي شاهه کي سخت مقابلي بعد شڪست ڏني. جي اي اي 10اسڪردو 4 ۾ آزاد اميدوار ناصر علي خان ڪامياب ٿيو. جي بي ايل اي 11 خرمانگ مان پي ٽي آءِ اميدوار سيد امجد علي سيد محسن رضوي کي شڪست ڏني. اهڙيءَ طرح جي بي ايل اي 14 استور ٻه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شمس الحق لون 5 هزار 237 ووٽ کڻي اڳتي رهيو جڏهن ته پيپلز پارٽي جو اميدوار 3 هزار 620 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي رهيو. جي بي ايل اي 15 ديامير ون ۾ آزاد اميدوار حاجي شاهه بيگ 2 هزار 685 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته آزاد اميدوار محمد دلپزير 2 هزار 517 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي رهيو. جي بي ايل اي 16 ديامير 2 ۾ گڏيل 41 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجن ۾ مسلم ليگ ن جو محمد انور 5 هزار 605 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته آزاد اميدوار عطاءُالله 5 هزار 170 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي رهيو. جي بي ايل اي 22 گانڇي ون ۾ آزاد اميدوار مشتاق حسين ڪامياب ٿيو. جي بي ايل اي 23 گانڇي 2 ۾ آزاد اميدوار عبدالحميد 3 هزار 696 ووٽ حاصل ڪري پهرين نمبر تي رهيو جڏهن ته تحريڪ انصاف جي آمنه انصاري 3 هزار 180 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي رهي. جي بي ايل 24 گانڇي 3 ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار محمد اسماعيل تحريڪ انصاف جي اميدوار سيد شمس الدين کي شڪست ڏني.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *