اپوزيشن جا الزام رد، شبلي فراز گلگت بلتستان جي اليڪشن کي شفاف ۽ اڻ ڌريو ڪوٺي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز گلگت بلتستان جي اليڪشن کي شفاف ۽ اڻ ڌريو ڪوٺيندي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام تحريڪ انصاف کي ڪامياب ڪري نوازشريف ۽ پي ڊي ايم جي موقف کي رد ڪري ڇڏيو. اپوزيشن چوندي هئي ته گلگت بلتستان جون چونڊون حڪومت جي خلاف ريفرنڊم هوندو مريم نواز ڀاشن ڏيڻ بدران ٻڌائي ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽ جا اثاثا ڪيئن ٺاهيا؟ قومي دولت لٽيندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو، فيض آباد ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، گهرو وزارت پڌرنامو جاري ڪندي جنهن ۾ عوامي مسئلن جو حل پيش ڪيو ويندو. شبلي فراز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گلگت بلتستان جي عوام روشن مستقبل کي ووٽ ڏنو (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان ۾ موقعو مليو هو جڏهن ته ڌيان نه ڏنو اليڪشن کان اڳ ئي انهن ماڻهن ڌانڌلي جو منتر پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو هو گلگت بلتستان جي عوام ۽ ڪامياب ٿيندڙ نمائندن جمهوري عمل ۾ حصو ورتو هن ڀيري هارائيندڙ گذريل هڪ مهيني کان ماڻهن جي دماغ تي سوار هئا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته اپوزيشن چوندي هئي ته موجوده اليڪشن ريفرنڊم هوندو گلگت بلتستان ۾ اليڪشن صاف شفاف ٿي جيڪو چوي ٿو ڌانڌلي ٿي آهي ته اسان کي ته 14، 15 سيٽون ملڻ گهرجن ها گلگت بلتستان اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوارن هارايو به آهي. هن چيو ته 2018 ۾ به ان جو اهو ئي چوڻ هو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي عملي طور تي ڪم نه ڪيو شاهد خاقان پنهنجي تڪ ۾ هارايو اهو ٺيڪ نه هو لاهور ۾ کٽيو اهو ٺيڪ هو. وزيراعطم عمران خان تي ڪيس هلائڻ سياسي انتقامي ڪارروائي هئي. (ن) ليگ عمران خان جي خلاف سياسي انتقامي ڪارروائي ڪئي وزيراعظم عمران خان سڀ ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا عمران خان 2013 اليڪشنز ۾ جدوجهد ڪئي تڪ کولرايا سينيٽر شبلي فراز چيو ته اپوزيشن گلگت بلتستان تي رڳو ڳالهيون ڪيون جنهن کي عوام رد ڪيو گلگت بلتستان ۾ سمورين پولنگ اسٽيشنن جو احوال سڌو سنئون ڏيکاريو ويو هن چيو ته اپوزيشن جو اهو طريقو رهيو آهي ته جيڪا چونڊ هي کٽن اها ٺيڪ هوندي آهي هن نواز خاندان بابت ڳالهائيندي چيو ته نوازشريف فئملي سمجهي ٿي ته اها قانون کان مٿانهون آهي سينيٽر شبلي فراز جو اڳوني وزيراعطم نوازشريف بابت چوڻ هو ته نوازشريف ڊان هو ملڪ ۾ جيستائين ايماندار ۽ بي ايمان م فرق نه ٿيندو تيستائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي قانون جي حڪمراني اسان جو سڀ کان پهريون حدف آهن اسان انهن سمورن ڪرمنلز کي نه ڇڏينداسين پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ شبلي فراز چيو ته اسان جي حڪومت جي طريقي ۾ عياشيون نه پيون ٿيون ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن انهن جي پويان ويندي نيب يا ڪورٽس اسان جي هٿ ۾ نه آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *