گرمي سبب 12 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي  وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته گرمي سبب 12 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي ذميوار ڪي اليڪٽرڪ آهي ۽  سنڌ حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائيندي رهندي. وڏي وزير قطر اسپتال جو دورو ڪري گرمي کان متاثر مريضن جي عيادت ڪئي، جنهن دوران وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته ڪراچي اسان جو شهر آهي ۽  هو شهر جي خدمت ڪندا رهندا. هن چيو سنڌ ۾ گرمي سبب 12 هزار ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ٻين هنڌن سان گڏ اسپتالن ۾ به لوڊ شيڊنگ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته هو صحت کاتي جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان اسپتالن ۾ لوڊشيڊنگ جو پڇيو ويندو.  هن چيو ته ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم ڪيا آهن ۽ صورتحال بهتر ٿيڻ تائين ڪم جاري رکيو ويندو. سيد قائم علي شاهه چيو ته وفاق ۽ سنڌ جا حڪم هوا ۾ اڏايا ويا،وفاق کي ڪي اليڪٽرڪ بابت ذميواريون پوريون  ڪرڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *