سنڌ ۾ گرمي جو زور برقرار، وڌيڪ 17 فوت، انگ 1300 کان به وڌي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گرمي وگهي ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 1219ٿي ويو، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد صوبي اندر گرمي سبب فوتين جو انگ 1300 ٿي ويو آهي. ڪراچي جي عباسي شهيد ۽ جناح اسپتال سميت مختلف اسپتالن ۾ گرمي سبب وڌيڪ 17 ڄڻا حياتي ويٺا، جنهن بعد ڪراچي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 1219 ٿي ويو آهي. نوابشاهه جي ڳوٺ امان الله زرداري ۾  45 وپرهين جو نصير زرداري گرمي سبب فوت ٿي ويو، ۽  ميان صاحب ۾ صحت کاتي جو ملازم هادي بخش زرداري به گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. ٺارو شاهه جي ڳوٺ مولي ڏنو ۾ 45 ورهين جي زبين النساءَ لاڙڪ ۽ باڊهه شهر جي پياري محلي جي رهواسي 62  ورهين جو غلام مصطفيٰءِ ساريو به گرمي سبب حياتي وڃائي ويٺا. موري جي صابن چوڪ واري علائقي ۾ 50 ورهين جو پير بخش ماڇي ۽ 40 ورهين جو غلام مصطفيٰ مغل گرمي وگهي فوت ٿي ويا. سيوهڻ جي پٺاڻ ڪالوني ۾ هڪ مامعلوم شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته نصرپور جي ڳوٺ علي آباد ۾ 45 ورهين جو پريم چند به گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هيل تائين فوت ٿي ويلن جو انگ 1300 ٿي ويو آهي. ڪراچي جي اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون اڻپوريون هجڻ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو به سلسلو جاري آهي، جنهن سبب وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *