گرفتاري جي ڊپ کان ”فني گالا“ ڇڏي پشاور ۾ ويھندڙ عمران خان بي اعتمادي رٿ کانپوءِ منٿون ڪيون هيون: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته گرفتاري جي ڊپ کان عمران خان”فني گالا“ ڇڏي ڪري پشاور ۾ ويٺو آهي. هڪ تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته عمران خان کي آئين ۾ داخل طريقيڪار تحت هٽايو ويو، هن بي اعتمادي رٿ کانپوءِ منٿون ڪيون هيون. هن چيو ته اتحادين به خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو ساٿ ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جو بار وڌندو پر اسان وٽ ڪو رستو نه هيو، آءِ ايم ايف سان معاهدو عمران خان ڪري ويو هو، پيٽروليم ليوي هر مهيني 4 رپيا وڌائڻ جو معاهدو ڪيو ويو. پ پ اڳواڻ چيو ته آءِ ايم ايف جي ڳالهه رد ڪيون ها ته ڪو ادارو پاڪستان سان معاهدو نه ڪري ها.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *