مبينا آڊيو درست ھوندي، مون خلاف بدنيتي تحت داخل ڪيس ۾ نيب جا آفيسر ملوث آهن: مراد علي شاھ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه چيو اهي ته مبينه آڊيو کي آصف علي زرداري رد ڪيو نه ئي عمران خان رد ڪيو ته پوءِ درست هوندي اسلامي ٽچ ڏٺو وڃي ته عمران خان تقرير ۾ڏيندو آهي ڪلمو پڙهي آڊيو ٽيپ جي ترديد ڪري احتجاج ڪرڻ هر جماعت جو جمهوري حق آهي ڀڃ ڊاهه جي ڳالهه هجي ته حڪومت کي احتياطي اپاءُ ڪرڻا پون ٿا نيب پيشين دوران ڪراچي کان اسلام آباد اچڻ جو خرچ نيب کان وٺنداسين ميڊيا سان ڳالهائيندي مرادعلي شآهه چيوت ه نيب جي ڪيسن ۾ 15 کان 20 ڀيرا پيش ٿي چڪو آهي ڪيس جا جوابدار ڪراچي کان اچن ٿا ۽ حاضري لڳائي ايندڙ تاريخ ڏنيو ڃي ٿي نيب جي ڪيس ۾ ڪجهه به نه آهي هن چيو ته هڪ ڏينهن لاءِ به پلانٽ بند ناهي ٿيو بجلي ٺهي رهي آهي پيشي تي جيترو خرچ ٿئي ٿو حساب لڳايو ڪل خرچ سڀني جو ڪيترو بڻجي ٿو نيب جي حوالي سان ترميمون ڪيون ويون آهن بدنيتي تي ٻڌل هي ڪيس آهن نيب جا آفيسر پاڻ هن ڪيس ۾ ملوث آهن هن چيو ته هاڻي نئين نيب ترميم تي نيب آفيسر کي به 5 سال سزا ٿي سگهي ٿي هرهڪ جو جمهوري حق آهي احتجاج ڪرڻ پر قانون جي دائري ۾ رهي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جو ڪنهن کي اختيار نه آهي هن چيو ته ڪراچي ۾ به احتجاج ٿين ٿا پرامن احتجاج ڪري سگهجي ٿو بلاول ڀٽو رداري ڪراچي کان اسلام آباد تائين پرامن مارچ ڪيو هن چيو ته عمران خان ۽ زرداري صاحب جي ليڪ آڊيو کي درست سمجهان ٿو نه عمران خان ۽ نه زرداري صاحب آڊيو جي ترديد ڪئي ٻڌو آهي شاهه محمود قريشي تريد ڪئي آهي هن چيو ته عمران خان ڪلمو پڙهي چوي ته مان ملڪ رياض سان رابطو ناهي ڪيو ٽيون ماڻهو شاهه محمود ان وقت موقعي تي هو جيڪو ترديد ڪري رهيو آهي عمران خان هر تقرير کان پهريان ڪلمو پڙهي ٿو ته هاڻي به ڪلمو پڙهي ترديد ڪري هن چيو ته صدر جو عهدو احترام جوڳو آهي بل جوائنٽ سيشن۾ آندا ويا هاڻي صدر پنهنجا اختيار غلط استعمال ڪري رهيوآهي هن چيو ته نوري آباد ڪيس ۾ ڪنهن هڪ آفيسر هڪ رپئي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي هن چيو ته نيب قانونن ۾ ترميمون پي ٽي آئي ڪيون جنهن سان انتقامي ڪيس بڻجي سگهي ٿو نيب جو طريقيڪار اهو هو ته 10-10 سال ڪيس هلندو هو هن چيو ته نيب آفيسر هاڻي غلط ڪيس بنائڻ تي پنج سال جي سزا ڀوڳيندا ڊاڪتر عارف علوي کي چوندس ته پي ٽي آئي ورڪر نه بڻجو صدر پابند آهي آئين مطابق ته وزيراعطم جي تجويز تي عمل ڪري. هن چيو ته صدر جيڪڏهن 10 ڏينهن کان پوءِ وزيراعطم جي تجويز نه مڃيندو هو ائين مطابق ان تجويز تي عمل شروع ٿي وڃي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *