گرفتاريون ۽ ظلمن سان ارادا ڪمزور نه ٿي ڪري سگهجن:الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين نائين زيرو تي رينجرز ڇاپي ۽ گرفتارين خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڇاپا، گرفتاريون ۽ ظلمن سان سندن ارادا ڪمزور نه ٿي ڪري سگهجن. ايم ڪيو ايم پاران جاري ڪيل بيان ۾ الطاف حسين نائين زيرو تي رينجرز جي ڇاپي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اڳواڻن جي گرفتارين تي احتجاج ڪيو. هن چيو ته محب وطن مهاجرن کي آخر ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڀت سان لڳايو پيو وڃي، ڪروڙين عوام جي چونڊيل جماعتجي قيادت کي غير قانوني هٿڪنڊن ذريعي چِٿيو پيو وڃي. الطاف حسين چيو ته سنڌ جي شهري علائقن جي عوام جا آئيني، قانوني ۽ انساني حق پامال ڪيا پيا وڃن. متحده سربراهه پنهنجي ڪارڪنن کي پـُرامن رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عيد جون تياريون ڪيون وڃن، عيد جي خوشين کان محروم ڪرڻ اسلامي روايتن جي ڀڃڪڙي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *