ڪڻڪ جو بحران وفاقي حڪومت جي ڪري پيدا ٿيو،، پي ٽي آءِ جي وزيرن کي سنڌ فوبيا ٿي وئي آهي: ترجمان سنڌ حڪومت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ جي سول سوسائٽي جي نمائندن سان ملاقاتن تي اعتراض واري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪابينا جي فيصلي کانپوءِ آءَ جي ڌڙاڌڙ ملاقاتون ڪري ڇڏيون آهن، آءِ جي واري عهدي کي سياسي ۽ غير تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪڻڪ جو بحران وفاقي حڪومت جي ڪري پيدا ٿيو آهي، پر پي ٽي آءِ جي وزيرن کي سنڌ فوبيا ٿي وئي آهي، تنهن ڪري صوبائي حڪومت تي الزام مڙهيا پيا وڃن. جيڪي وزير الزام مڙهي رهياآهن، اُهي ٻڌائين ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ته پ پ جي حڪومت نه آهي، پوءِ اُتي بحران ڇو ٿيو آهي؟ الزام لڳائيندڙ وزير ٻڌائين ته پرڏيهه ڪڻڪ موڪلڻ جو فيصلو ڪنهن ڪيو هو؟ وفاقي حڪومت ئي اُن جي منظوري ڏني هئي. آءِ جي سنڌ معاملي تي سوالن جا جواب ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪليم امام کي هٽائڻ واري معاملي تي ڪوبه بحران نه آهي، صوبائي حڪومت ۽ وفاقي سرڪار لڳاتار رابطن ۾ آهن، جنهن دوران سگهارا صلاح مشورا به ٿين ٿا. صوبائي صلاحڪار چيو ته وزيراعظم عمران خان پرڏيهه ويو آهي، تنهن ڪري آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ ۾ دير ٿي آهي، جيئن ئي وزيراعظم واپس ايندو ته اهو مسئلو به حل ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته آءِ جي سنڌ جي حمايت ۾ ڪراچي ۾ بئنرز لڳي ويا آهن، ڪابينا جي هٽائڻ واري فيصلي کانپوءِ هو ڌڙا ڌڙا ملاقاتون ڪري رهيو آهي، هو سول سوسائٽي جي نمائندن سان به ملاقاتون ڪري پيو. بيورو ڪريسي کي سياسي ملاقاتون ڪرڻ جا اختيار نه آهن، تنهن ڪري ڪليم امام آءِ جي جي عهدي تي سياسي ۽ تڪراري نه بڻائي. آءِ جي کان اها ئي شڪايت هئي ته ملاقاتون ڪرڻ بدران ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڌيان ڏئي، آفيسرز سندس ڪنڊڪٽ ۾ نه آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *