سنڌ حڪومت نئين آءِ جي سنڌ پوليس لاءِ وڌيڪ 2 نالا وفاقي حڪومت کي اماڻي ڇڏيا ، ثناءُالله عباسي ۽ انعام غني شامل

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ حڪومت نئين آءِ جي سنڌ پوليس لاءِ وڌيڪ 2 نالا وفاقي حڪومت کي اماڻي ڇڏيا آهن. مليل ڄاڻ موجب وڏي وزير جي هدايتن تي ايس اينڊ جي اي ڊي پاران اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي موڪليل وڌيڪ ٻن نالن ۾ ثناءُالله عباسي ۽ انعام غني شامل آهن، ثناءَ الله عباسي هن وقت آءِ جي ڪي پي ڪي ۽ انعام غني پنجاب پوليس ۾ ايڊيشنل آءِ جي آپريشن طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. واضح رهي ته سنڌ حڪومت نئين آءِ جي لاءِ ٽي نالا اڳ ئي وفاق کي اماڻي چڪي آهي، جن ۾ غلام قادر ٿيٻو، مشتاق مهر ۽ ڪامران فضل شامل آهن. 3 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود سنڌ حڪومت طرفان موڪليل ٽنهي نالن مان ڪنهن جو به نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت وڌيڪ 2 نالا موڪلي ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *