ڪڏهن به نه سوچيو هو ته ڪجهه ئي سالن ۾ شهرت جي بلندين تائين پهچي ويندس: سجل علي

 

لاهور(شوبز نيوز) ٽي وي  جي خوبصورت اداڪاره سجل علي چيو آهي ته  مان دنيا جي خوشقسمت ڇوڪري آهيان جنهن  کي ننڍي عمر ۾ ئي اهو سڀ ڪجهه ملي ويو جنهن جي لاءِ انسان ڪيترن ئي سالن تائين خواب ڏسندو رهندو آهي.هڪ انٽرويو ۾ سجل علي چيو ته مان جڏهن شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو ته مون سوچيو به نه هو ته ڪجهه ئي سالن ۾ شهرت جي بلندين تائين پهچي ويندس. خدا جو شڪر آهي ته  مان شوبز کان علاوه به ذاتي زندگي جي حوالي سان جنهن به خواهش جو اظهار ڪيو منهنجي اها خواهش پوري ٿي.سجل علي چيو ته موجوده زندگي مان تمام گهڻو خوش ۽ مطمئن آهيان ۽ دعا آهي ته الله تعاليٰ منهنجي لاءِ اهڙيون آسانيون پيدا ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *