نيمل خاور پنهنجي شادي تي پراڻا ڪپڙا پائي، ميڪ اپ پاڻ ڪري سادگي جي مثال قائم ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪاره ۽ حمزه علي عباسي جي گهر واري نيمل خاور پنهنجي شادي تي روايتي ڪنوارن جي ابتڙ پراڻو جوڙو پائي ۽ سادي جو ميڪ اپ پاڻ ڪري سادگي جو اعليٰ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي.اداڪاره نيمل خاور گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي پنهنجي شادي جي تصوير شيئر ڪندي اهو انڪشاف ڪيو ته هن پنهنجي شادي تي نئون جوڙو خريد ڪرڻ بجاءِ ٿورو سنواري ٺاهي پنهنجي والده جي نڪاح جو جوڙو پاتو هو. نيمل ٻڌايو ته جڏهن ته اوهان پنهنجي شادي تي پنهنجي والده جي نڪاح جو جوڙو پهريو ٿا ته اوهان سان گڏ جذبات جڙي وڃن ٿا.نيمل چيو ته شادي تي پنهنجي والده جي نڪاح جوڙو پائڻ ان جو بهترين فيصلو هو. نيمل وڌيڪ لکيو آهي ته هن پنهنجي شادي تي روايتي ڪنوارن جي ابتڙ پارلر ۾ وڃي مهانگو ميڪ اپ ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجو ميڪ اپ به پاڻ ئي ڪيو هو ۽ وار به پاڻ ئي ٺهرايا هئا. ڇو ته هو پنهنجي شادي جي ڏينهن وڏي ميڪ اپ جي بجاءِ سادو نظر اچڻ چاهيو ٿي.نيمل موجب هڪ ڇوڪريءَ جي شادي جو ڏينهن ان جي زندگي جو سڀني کان وڏو خوشي جو ڏينهن هوندو آهي. ضروري ناهي ته اوهان ان ڏينهن تي ڳرا زيور پايو، پر اوهان جو سڪون ۽ خوشي اهم هوندو آهي ۽ سڀني کان ضروري شيءَ اها به آهي ته اوهان پنهنجي شادي جي ڏينهن ڀرپور مزو وٺي سگهو. نيمل خاور جي ان پوسٽ کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي ساراهه ڪئي پئي وڃي ۽ ماڻهو ان جي سادگي ۽ سوچ جي تعريف ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *