ڪپتان عوامي مارچ کان گهٻرائجي پيٽرول سستو ڪري ڇڏيو: بلاول ڀٽو زرداري

مورو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آصف زرداري جي انٽرويو کي روڪيو ويو، هلڻ نه ڏنو ويو، توهان ايڏا ڊڄڻا هئا جو ميڊيا کي ڪنٽرول ڪيو. مورو باءِ پاس تي عوامي مارچ سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان ۾ تنقيد ٻڌڻ جو حوصلو ناهي، پ پ آزاد ميڊيا تي يقين رکي ٿي، عمران خان ڪوڙ جو ماهر ۽ پروپئگنڊا جو بادشاهه آهي. هن چيو ته ڪپتان اٽو، لٽو ۽ اجهو کسي رهيو آهي، اها تبديلي جي نالي تي تباهي آهي، هي نئون ته مهانگو پاڪستان آهي، ملڪ ڏکيائين جو شڪار آهي. سندس چوڻ هو ته ڪپتان اسان جي مارچ کان گهٻرائجي ويو ۽ پيٽرول سستو ڪري ڇڏيو، ڇا اسان کي ان جا ڊراما نظر نٿا اچن، هي ڇا ٿا سمجهن ته پاڪستان جو عوام بي وقوف آهي، هاڻ تماشو نه رڳو تير هلندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان ڪڏهن ميڊيا تي پابندي ته ڪڏهن مخالفن کي جيل موڪلي ٿو ڇڏي، ڪالهه عمران خان قوم سان خطاب ۾ ميڊيا جي تنقيد تي روئڻ شروع ڪري ڇڏيو، اقتدار ۾ ويٺل شخص رڳو ڪرسي بچائڻ چاهي ٿو، جمهوري طريقي سان غير جمهوري شخص کي ڪڍيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *