مدئجي: جوڻيجا-ڪھوڙا خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي پيو، 9 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي

 مدئجي(رپورٽر) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا ڪلهوڙا برادري جي ڌرين وچ ۾ چوري مامري تان 10 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو،ڌرين پاران هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ،راڪيٽ لانچر فائر، 9 انساني جانيون ضايع ٻنهي ڌرين جا 4 زخمي ٿي پيا، ڌرين وچ ۾ فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو،ڪيترائي ڪلاڪ لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا،پوليس ٻن ڪلاڪن تائين فائرنگ بند ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي،ڌرين جي چڱن مڙسن جي ٽياڪڙي بعد لاش پوليس حوالي،تعلقي اسپتال مدئجي منتقل،پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي،پوليس پهري هيٺ ڳوٺ روانا،پوليس ڪي به اپاءَ نه ورتا،وڌيڪ خوريزي جو خطرو اڻٽر….رپورٽ موجب: مدئجي جي ڪچي واري علائقي جهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميرل جي وانڍ ۽ ڳوٺ ڊرگهپور جي رهواسي ڪلهوڙا برادري حفيظ ڪلهوڙو ۽ جوڻيجا برادري جي دلاور جوڻيجو جي ڌرين وچ ۾ 10 سالن کان چوري مامري تان شروع ٿيل تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو جنهن دوران ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادري جي هٿياربند ماڻهن هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪرڻ بعد هڪ ٻئي مٿان راڪيٽ لانچر پڻ فائر ڪيا،ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٻن ڪلاڪن تائين هلندڙ فائرنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا،مارجي ويلن ۾ جوڻيجا برادري جي ٽي ڀائر مدن جوڻيجو،معشوق جوڻيجو پٽ دلاور جوڻيجو،مرزا جوڻيجو،علي رضا جوڻيجو ۽ جوڻيجا برادري جي طرفان ڪانڍجي آيل عاشق مڱڻيجوشامل جڏهن ته ڪلهوڙا برادري جي بدل ڪلهوڙو،سعيد ڪلهوڙو ۽ ابراهيم ڪلهوڙو گولين جو بک بڻجي ويا،فائرنگ سبب سمورو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو فائرنگ سبب مارجي ويلن جا لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا،جڏهن ته واقعي جو بروقت اطلاع ملڻ باوجود پوليس جهلي بند تي بيهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ بند ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي،اوقعي جي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ پوليس ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن جي مداخلت بعد ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي لاش تحويل ۾ ورتا،جيڪي ڌار ڌار ڊاٽسن ۽ مزدا ذريعي تعلقي اسپتال پهچايا جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،جڏهن ته ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڄڻن بدل ڪلهوڙو ۽ ابراهيم ڪلهوڙو جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ مدئجي اسپتال نه آندا ويا،ذريعن موجب ٻنهي مقتولن جا لاش ڊاڪٽر ڪچي جي علائقي ۾ گهرائي اتي ئي پوسٽ مارٽم ڪيا ويا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *