ڪي اين شاهه ويجهو بجلي جي تار مان ڄاڃين جي ڪوچ کي باهه، 10 ڄڻا سڙي فوت

خيرپور (ڊ ر) خيرپور ناٿن شاهه ويجهو بجلي جي تار مان ڄاڃين جي ڪوچ کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، دل ڏاريندڙ حادثي کانپوءِ خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، حادثي کانپوءِ فوري طور تي امدادي ڪارروايون شروع ڪري زخمين ۽ فوت ٿيلن جا مڙهه اسپتال نيا ويا. خيرپور ناٿن شاهه ويجهو انڊس هاءِ وي تي 11 هزار وولٽيج جي تار ڪوچ مٿان پيل پيتي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ڪوچ کي باهه وڪوڙي وئي.. باهه لڳڻ سبب ڪوچ ۾ سوار خالده، زاهدان، صحت خاتون، سرفراز، آمنت، زهرا، فرحان ۽ جيئندو سميت 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 40 ان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪنوار ۽ گهوٽ معجزاڻي طور تي بچي ويا آهن… اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو عملي واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون، زخمين ۽ فوتين جا لاش دادو، لاڙڪاڻو ۽ ڪي اين شاهه جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. اسپتالن ۾ داخل ڪيترن ئي ڄڻن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي….. زخمين جو چوڻ هو ته ڪوچ مٿان پيل لوهه جي پيتي سان بجلي جي تار ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *