ڪراچي جو امن هر صورت بحال ڪنداسين: پرويز رشيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيوآهي ته الطاف حسين فوج لاءِ جيڪي لفظ استعمال ڪيا آهن اُميد ته هو ٻيهر نه ورجائيندو، عمران خان جي ڪوشش هوندي آهي ته پاڪستان ۾ هر وقت ڇڪتاڻ جي ڪيفيت رهي. ڪراچي آرٽس ڪونسل ۾ اديبن ۽ شاعرن جي ٽين ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي تي پهتي. تقريب ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته الطاف حسين پنهنجي فوج خلاف بيان تي معافي ورتي آهي. اميد ته هو اُن کي ٻيهر نه ورجائيندو، اسان کي باهه تي پاڻي وجهڻو آهي، تيل ناهي هارڻو، عمران خان بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو ملڪ ۾ افراتفري ڏسڻ چاهي ٿو. انهيءَ موقعي تي ڪراچي آپريشن ۽ ضرب عضب کي به ساراهيو. هن چيو ته وزيراعطم پرعزم آهي ته ٻنهي آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *