ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس معطل ڪرڻ گهرجي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين چيو آهي ته ڪي اليڪترڪ جو لائسنس معطل ٿيڻ گهرجي ڪراچي جا ماڻهو هن اداري جي ڪري سخت تڪليف ۾ آهن لوڊشيڊنگ کان آجن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي خلاف درخواست جي ٻڌني دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه ۽ وڪيل تي ڪاوڙجي پئي هاءِ ڪورٽ ڪنڊا هٽائڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو سنڌ هاءِ ڪورٽ/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 04

 25 آگسٽ تي ڪي اليڪٽرڪ کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتو جسٽس خادم حسين چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس معطل ٿيڻ گهرجي. ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته گهڻي ڀاڱي علائقن مان ڪنڊا هٽائي ڇڏيا آهن تار تبديل ڪري ڇڏي آهي جسٽس خادم حسين شيخ چيو ته شهر ۾ ته هاڻي به ڪنڊا لڳل آهن لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته کوڙ سارا علائقا اهڙا آهن جتي اسان جون ٽيمون نٿيون وڃي سگهن ڪجهه علائقن ۾ ڪنڍا هٽائڻ کان پوءِ ماڻهو ٻيهر لڳائي ڇڏين ٿا خادم حسين شيخ چيو ته هاڻي ته اوهان چئي رهيا هئا ته ڪنڍا هٽائي ڇڏيا آهن ان جو مطلب آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ڪنهن نه ڪم جا ماڻهو ڀرتي ڪيا آهن جسٽس ارشد حسين خان پڇاڻو ڪيو ته وڏين وڏين تارن کي عام ماڻهو ڪنڊا ڪيئن هڻي سگهي ٿو جسٽس خادم حسين شيخ پڇاڻو ڪيو ته بجلي چورن جي خلاف ڇا ڪارروائي ڪئي ويئي. ڳالهيون نه گهڙيون بجلي چوري جا ڪيترا ڪيس ڪيا ويا آهن هن اهو به چيو ته خبر آهي ته ڪي اليڪٽرڪ وارا رڳو مال ٺاهي رهيا آهن ڪنهن نه ڪم جا ماڻهو ڀرتي ڪيا آهن ماڻهو ڪنڍا ٻيهر لڳايئ ڇڏين ٿا ان جو مطلب آهي ته اوهان جي انتظاميه ڪنهن نه ڪم جي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *