فروغ نسيم کي ڪلڀوشن ڪيس وڙهڻ لاءِ ٻيهر مستعفيٰ ٿيڻو پوندو: ناصر شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو اهي ته بلاول ڀٽو زرداري جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها وقت جي نذاڪت آهي ۽ ان جي اهميت به آهي وفاقي حڪومت جون جيڪي پاليسيون آهن اهي ان جي نااهلي آهي ان جي لحاظ کان جيڪڏهن احتجاج به ڪرڻو پيو ته ايس/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 48

 او پيز تي عمل ڪري احتياطي اپائن سان احتجاج شروع ڪيو ويندو هن اها ڳالهه صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته اڄ هڪ وفاقي وزير صاحب ٻيهر حلف کڻي ورتو آهي پر هاڻي خبر  آئي آهي ته اهو ٻيهر استعيفا ڏيئي رهيو آهي ڇو ته کيس ڪلبوشن جو ڪيس وڙهڻو آهي موجوده حڪومت جهڙي طرح ان کي تيار ڪيو پيو وڃي ان کان سٺو وڪيل ته گورنمينٽ وٽ آهي نه جيڪو احترام جوڳو عزت جوڳو وڪيل آهي کيس ٻيهر استعيفا ڏيڻي پوندي ۽ پوءِ صدر صاحب کي ان کان ٻيهر حلف وٺڻو پوندو ۽ هي انقريب ڪلبوشن جو وڪيل به هوندو. هاڻي سوال اهو آهي ته ان مٿان مان اهو نٿو چوان ته اسان جو وزيراعظم يا اهي جيڪي ماڻهو آهن ملڪ جا غدار آهن ته هي صحيح نه آهي اهي محب وطن آهن ڪهڙي مجبوري اهي کيس اهڙي قسم جو قدم کڻڻو پيو ۽ پوءِ کوڙ سارا عقل جا انڌا جڏهن به چيئرمين صاحب تقرير ڪري ٿو ته ان کان پوءِ چيو وڃي ٿو ته اهي رڙيون ڪرڻ شروع ڪن ۽ اهي ايوان کي به ساڳيو هنڌ سمجهن ٿا جتي اهي رڙيون ڪندا هئا ته هي ايوان ۾ به رڙيون ڪن ٿا ته انهن کي سنجيده ڳالهائڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن چيئرمين صاحب چوي ٿو ته وزيراعظم صاحب اچي اتي ڳالهه ڪري ۽ ان جو جواب ڏي وزيراعظم صاحب کي ئي جواب ڏيڻ گهرجي. پر ان جي بدران ان جي عقل جي انڌن پنهنجن شيرن کي اهو شروع ڪرائي ڇڏي ٿو ته ان جو خيال اسپيڪر صاحب کي رکڻ گهرجي اهو ڪسٽوڊيم آف هال آهي ۽ اها ان جي ذميواري آهي ته اهو اهڙن ماڻهن کي جن جي ڪائي نه اهميت آهي ۽ اهي اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪن تنهنڪري هي هڪ وڏو هائوس آهي اهڙي عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *