ڪير گرميءَسان مري وڃي ته اُن جي ذميواري حڪومت جي ناهي: عابد شير علي

اسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته اپوزيشن جو ايجنڊو صرف حڪومت تي تنقيد ڪرڻ آهي، حڪومت ملڪ ۾ توانائي بحران جي خاتمي لاءِ وڏا منصوبا شروع ڪري رکيا آهن، توانائي جو بحران 7 1 0 2 ع تائين مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو، ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ سان وفاق جو ڪوبه تعلق نه آهي، اها صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي، ڪي اليڪٽرڪ ڪمپني خانگي ادارو آهي، ان باوجود اسان ان سان تعاون ڪري رهيا آهيون. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت کي موسمي تبديلي کي سامهون رکندي صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کپي پئي، ان جو ڪو متبادل انتظام ڪرڻ کپي ها. هن چيو ته خانگي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جي نااهلي سبب ڪراچي ۾ حالتون خراب ٿيون آهن، اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ان کي ڪنٽريڪٽ ڏنا هئا. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ان وقت 3 1  هزار ميگاواٽ بجلي جي پيداوار هئي، اسان ان کي 6 1  هزار تائين کڻي آيا آهيون. هن چيو ته خيبر پختونخوا وڏي وزير سان معاهدو ٿيو هو ته جيڪا بجلي ڏيندو ان کي بجلي ملندي هو ان معاهدي تان پوئتي هٽي ويو آهي، بل ڏيندڙ ۽ نه ڏيندڙن وچ ۾ فرق ته هئڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي ۾ قدرتي موت جي ذميدار وفاقي حڪومت نه ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ گذريل 5  سالن دوران هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا ناهي ڪري سگهي. هن چيو ته هر ذميداري وفاقي حڪومت تي نه وڌي وڃي، صوبائي حڪومت به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. عابد شير علي چيو ته وزيراعظم نواز شريف ڪراچي واٽر بورڊ کي 0 5 2  ارب رپيا ڏنا آهن، حالانڪه اهي پئسا صوبائي حڪومت کي ڏيڻا هئا. وڏي وزير سنڌ سيد قائم علي شاهه سان پنهنجي عوام بابت پڇو، سندس پارٽي اڳواڻ چئي ٿو ته اسان پوري ملڪ جي پارٽي آهيون جڏهن ته سنڌ حڪومت موسمي تبديلي کي سامهون رکندي متبادل انتظام ئي نه ڪري سگهي. هن چيو ته موجوده حڪومت توانائي بحران جي حل لاءِ ڊيگهاري پلاننگ ڪري رهي آهي ۽ 7 1 0 2 ع تائين توانائي بحران جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *