نيب بينظير هائوسنگ اسڪيم جي ڊائريڪٽر منظر عباس کي گهوٻين جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي احتساب بيورو ڪراچي بينظير هائوس سيل جي ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ڊرائينگ ۽ ڊسبرسمينٽ منظر عباس کي 36 ڪروڙ 75 لک رپين جي گهوٻين جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي. سستن گهرن جي تعمير واري رٿا ۾ گهوٻين جي جاچ شروع ڪرڻ بعد نيب اها گرفتاري عمل ۾ آندي. اڱاري ڏينهن نيب جي عملدارن هڪ بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار مٿان بينظير ائوسنگ اسڪيم ضلعي ڪشمور جي فنڊن ۾ گهوٻين جا الزام آهن. جوابدار کي اربع ڏينهن (اڄ) جسماني رمانڊ لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *