ڪونسلر جي چونڊ وڙهندڙ اڄ پارٽي جو پرڌان منتري بڻجي ويٺو آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار اڳوڻي سڌُ سماءَ واري وزير پرويز رشيد جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پرويز رشيد جو مسلم لين سان واجبي تعلق آهي، اهڙي شخص جي اڻ وڻندڙ ڳالهين جو جواب ڏيڻ ضروري نه سمجهيم. ميڊيا جي رپورٽن موجب چوڌري نثار طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪونسلر جي چونڊ وڙهندڙ اڄ پارٽي جو پرڌان منتري بڻجي ويٺو آهي، وزير اعظم ۽ نواز شريف ڊان ليڪس رپورٽ منظر تي آڻڻ جو حڪم ڏين، ڊان ليڪس رپورٽ سامهون اچڻ تي سندس ڪرتوت سامهون اچي ويندا. ڊان ليڪس جي معاملي تي چوڌري نثار فوج جي هڪ گروپ کي خوش ڪرڻ چاهي ٿو، پارٽي ۾ منهنجو ووٽ سندس حق ۾ هوندو ته چوڌري نثار کي پارٽي مان ڪڍيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *