ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد، 3 ڀارتي به ماريا ويا

سرينگر /اسلام آباد/راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 3 ڀارتي فوجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوجبنا جواز فائرنگ ڪئي. ترجمان موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج جا 3 اهلڪار مارجي ويا. ترجمان موجب ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول جي جندڙوٽ ۽ ڪوٽلي سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي سڪيورٽي فورسز کي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي. ٻئي طرف پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي طلب ڪري ايل او سي تي ڀارتي فورسز جي بنا سبب فائرنگ ۾ 4 جوانن جي شهادت تي سخت احتجاج ريڪارڊ ڪرايو آهي. تفصيل موجب پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊي جي سائوٿ ايشيا سارڪ ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي احتجاجي خط ڏيندي سيز فائر جي ڀڃڪڙي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. واضع رهي ته ڀارتي گولا باري سبب 4 پاڪستاني فوجي جوان شهيد جڏهن ته ٻيا 5 زخمي به ٿيا آهن. هوڏانهن   ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ سرچ آپريشن ڪري وڌيڪ 6 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي سڪيورٽي فورسز ضلعي بارا مولا ۾ جڙتو آپريشن ڪيو جنهن دوران فائرنگ ڪري 6 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو. قابض ڀارتي فوج ۽ سينٽرل آرمڊ فورس اڙي ۾ گڏيل آپريشن ڪري نوجوان کي نشانو بڻايو ويو. 6 نوجوانن جي شهادت کانپوءِ اڙي ۾ ڇڪتاڻ آهي ۽ عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. ڀارتي اختيارين دعويٰ ڪئي ته نوجوان جو تعلق ويڙهاڪ تنظيم جيش محمد سان هو ۽ آپگهاتي حملا ڪرڻ پئي چاهيندا هئا. ڀارتي سڪيورٽي فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري گهر گهر تلاشي ورتي ۽ چادر توڙي چوديوار جو تقدس پائمال ڪيو.  سرچ آپريشن دوران سڄي ضلعي ۾ موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪئي وئي آهي. والاريل ڪشمير جي ضلعي راڄوڙي جي علائقي سدر بني ۾ هٿياربند فوج جي فائرنگ ۾ هڪ ڀارتي فوج مارجي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *