ڪورنا جا وار، سنڌ ۾ 16 ۽ ملڪ ۾83 فوتگيون، 1893 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 83 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا پر مثبت ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ٽن مهينن کان پوءِ سڀ کان گهٽ مثبت ڪيسن جي شرح رپورٽ ٿي. پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 52859 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1893 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته اوئرس سبب 83 فوتگيون به ٿيون. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.58 سيڪڙو رهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪسين جي شرح ٽن مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان گهٽ شرح آهي، ان کان اڳ 27 فيبروري تي ڪورونا جي سڀ کان گهٽ شرح 3.2 ريڪارڊ ڪئي وئي هئي. ملڪ ۾ ڪورونا سبب هن وقت تائين گڏيل طور تي فوتگين جو انگ 21105 ٿي ويو ۽ ڪل ڪيسن جو انگ 9 لک 28 هزار 588 ٿي چڪو آهي جڏهن ته هن وقت تائين وائرس مان 8 لک 56 هزار 5 ڄڻا صحتياب به ٿي چڪا آهن.  ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ ڪورونا جا 925 نوان ڪيس ظاهر جڏهن ته 16 مريض فوت ٿي ويا اهڙي ريت صوبي ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 5105 تي پهچي چڪو آهي. وبا مان اڄ وڌيڪ 1509 مريض صحتياب ٿيا، اهڙي ريت صحٿتياب ٿيندڙن جو ڪل انگ 293510 ٿي چڪو آهي، هينئر تائين 4166527 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي، جن مان 322333 ڪيس مثبت رپورٽ ڪيا ويا آهن. هن وقت 23718 مريض علاج هيٺ آهن. جن مان 890 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته 79 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *