پي ڊي ايم ۾ حڪومت ڪيرائڻ جي همت ناهي، چونڊن جو انتظار ڪنداسين: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اپوزيشن جماعتن ۾ حڪومت کي ڪيرائڻ جي همت ناهي ته چونڊون ٿينديون، انتظار ڪنداسين عوام حڪمرانن کي لت هڻي ٻاهر ڪڍندو. اسلام اباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رائيونڊ جي وزير اعظ کي سزا جي باجود ٻاهر موڪليو ويو، هي اُهو نئون پاڪستان آهي جتي اين آر او ناهي ڏنو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت عوام تي عذاب بڻجي نازل ٿي آهي، ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري پي ٽي آءِ ۾ دور ۾ ٿي، عوام مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جو مقابلو ڪري رهيو آهي ۽ وزير اعظم چئي رهيو آهي ته ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي،  هنن جي ڳالهين مان لڳي پيو ته هنن جو عام ماڻهو سان ڪو تعلق ناهي، عمران خان ۽ هن جي ٽي کي عام ماڻهوءَ جو احساس ناهي. پ پ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن حالتون بهتر آهن ته وزير اعظم عرب ملڪن ۽ آءِ ايم ايف کان خيرات ڇو پيو گهري؟ وزير اعظم ۽ هن جي اي ٽي ايمز لاءِ ته ڏکيو وقت ختم ٿي ويو آهي، سليڪٽڊ وزير اعظم کي احساس ئي ناهي ته عوام ڪهڙي ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي. اڄ به وزير اعظم ڪرپشن ۽ مافيا راڄ جهونگاري رهيو هو، هن کي ته 90 ڏينهن اندر ٻاهران پيسا واپس آڻڻو هو، هاڻ چيو پيو وڃي ته اڳتي موقعو ملندو ته پيسا آڻينداسين، هنن ٻه نه پر هڪ پاڪستان پئي چاهيو، پر اسان سڀني جي آڏو ٻٽو نظام پيو هلي، آصف زرداري 3 سال اڳ چيو هو ته نيب ۽ معيشت گڏوگڏ نٿا هلي سگهن. سندس چوڻ هو ته بجيٽ بابت وزير اعظم ۽ هن جي ترجمانن جا بيان حقيقت کان پري آهن، اوسر جي شرح جي دعويٰ حقيقت جي ابتڙ آهي، ناڻي واري وزير پاڻ چيو ته آءِ ايم ايف پي ٽي آءِ ڊيل غلط هئي، توهان ٻڌايو ته توهان اڄ تائين آءِ ايم ايف ۾ ڇو آهيو، مسئلو اِهو آهي ته انهن ماڻهن کي معيشت جي اصل صورتحال جو علم ناهي، اسان آءِ ايم ايف بجيٽ کي رد ڪيون ٿا. عوام جي طاقت تي ڀروسو رکون ٿا، طاقت ووٽ ذريعي استعمال ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته جيڪڏهن پي ڊي ايم وارا استعيفائون ڏيڻ ۾ سچا هجن ها ته جڏهن اسان انڪار ڪيو ته ان وقت ئي استعيفائون ڏيئي لانگ مارچ تي نڪري وڃن ها، هو جيڪڏهن استعيفائن جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا ته کين هينئر ئي ڏيڻ گهرجن. جيتري قدر عدم اعتماد جو تعلق آهي ته وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير خلاف تحريڪ آڻي سگهجي ٿي، نمبر پورا آهن پر جيڪڏهن ايئن نٿو ڪيو وڃي ته اهو عمل حڪومت سان سهولتڪاري ڪرڻ برابر آهي. بلاول ڀٽو چيو ته افعانستان جي صورتحال تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ڪوبه فورم ٺاهيو وڃي، اهي پارليامينٽ جي نمائندن کي اعتماد ۾ وٺن. هن چيو ته اليڪشن قانونن ۾ آرڊيننس ذريعي ترميم نٿي ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن کي ان حوالي سان اسٽينڊ وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ماڻهو پريشان آهن ته مهانگائي غربت ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪيئن ڪجي، وزيراعظم جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته کيس ۽ سندس پوري ٽيم کي عام ماڻهن جي حالتن جي خبر ئي ڪانهي ته پوءِ کانئن ڪيئن اها توقع رکجي ته هو انهن مسئلن جو حل ڪڍندو، هو چون ٿا ته جي ڊي پي ۾ تيزرفتاري سان اضافو ٿيو آهي ته اسان بجيٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ هو لت هڻي آءِ ايم ايف جي پروگرام مان نڪري ويندا.جڏهن توهان چئو پيا ته جي ڊي پي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ته هر ملڪ ۾ وڃي خيرات ڇو ٿا گهرو؟ هاڻي جڏهن معاشي ترقي جي دعويٰ ڪيو ٿا ته اميد آهي ته بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ پ پ وانگر 100 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 150 سيڪڙو ۽ فوجين لاءِ 175 سيڪڙو اضافو ڪندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *