ڪوئيٽا: پرنس روڊ لڳ ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 36 زخمي

ڪوئيٽا(م.ڊ) ڪوئيٽا جي ڪاروباري علائقي پرنس روڊ جنگشن ويجهو ريمورٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 36 زخمي، 6 جي حالت ڳڻتي جوڳي، زخمين ۾ عورتون ٻارڙا به شامل، ڌماڪي وقت ماڻهو شاپنگ ڪري رهيا هئا، تفصيل موجب اربع جي رات ڪوئيٽا جي علائقي ۽ فوڊ پوائنٽ جي ايريا پرنس روڊ لڳ جنگشن/2
ويجهو اڻڄاتل ماڻهن موٽر سائيڪل ۾ ريمورٽ ڪنٽرول بم رکيو هو جنهن سان زوردار ڌماڪو ٿيو، اطلاعن موجب 7 دڪان، 6 موٽر سائيڪلون، گاڏيون ۽ ڀرپاسي جي فليٽن ۽ دڪانن جا شيشا ٽٽي پيا، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن صدر ممنون حسين گورنر هائوس ۾ گورنر بلوچستان محمد خان اچڪزئي پاران ڊنر ۾ شامل هو جنهن ۾ صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ قبائلي اڳواڻن سميت سول ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *