نيلم جهلم هائيڊرو پاورپروجيڪٽ جي نوسيري سائيٽ تي اڏاوت دوران ٿنڀو ڪري پيو، 9 پورهيت فوت

مظفر آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ نيلم جهلم هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي نوسيري سائيٽ تي اڏاوت هيٺ ٿنڀو ڪرڻ جي نتيجي ۾ 9 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا، ذريعن موجب فوتي پورهيتن ۾ چيني شهري به شامل آهن. مظفر آباد ۾ نيلم جهلم هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي نوسيري سائيٽ تي اڏاوت هيٺ ٿنڀو ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پوهيت دٻجي ويا، جن مان 9 ڄڻن جا لاش ملبي هيٺان ڪڍيا ويا. انتظاميه موجب، اڏاوٽ هيٺ ٿنڀو ڪرڻ سبب 10 کان وڌيڪ پورهيت ملبي هيٺان دٻجي ويا هئا، جن مان 9 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ ڦاٿل پورهيت کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪرين ذريعي ريسڪيو ڪم جاري آهي. ذيعن موجب، دٻجي فوت ٿيلن ۾ چيني شهري به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *