ڪنگنا رناوت، ريٿڪ روشن معاملو، ريٿڪ روشن جي ڀيڻ ڀاءُ جو ساٿ ڇڏي ڌنو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت ۽ اداڪار ريٿڪ روشن ڪيترن سان کان هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا آيا آهن پر هاڻ ريٿڪ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 07

جي ڀيڻ سنينا روشن به ان مسئلي تي پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.سڀني کي اهو محسوس ٿي رهيو هو ته سنينا ان معاملي ۾ پنهنجي ڀاءُ جو ساٿ ڏيندي، پر هن سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.سنينا روشن سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي هڪ ٽوئيٽ ذريعي اعلان ڪيو آهي ته پهريان کان ئي ڪنگنا جي سپورٽ ڪري رهي آهيان ۽ ڪندي رهنديس.جڏهن ته هڪ ٻي ٽوئٽ ۾ هن لکيو ته “۽ ان دوزخ ۾ زندگي گزارڻ جو سفر جاري آهي، بس آئون ٿڪجي پئي آهيان.سنينا روشن جي ان ٽوئٽ کان پوءِ ماڻهن چئي رهيا آهن ته جيڪي الزام اداڪارا ڪنگنا رناوت ،ريٿڪ روشن تي لڳايا هئا اهي سچ آهن.واضح رهي ته 2017ع ۾ هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪنگنا رناوت ريٿڪ روشن تي الزام لڳايو هو ته هو سندس سان شادي جو واعدو ڪري ڦري ويو آهي.۽ ان انٽرويو دوران  ڪنگنا رناوت ريٿڪ روشن سان پنهنجن لاڳاپن بابت به ٻڌايو هو،ڪنگنا رناوت چيو هو ته هن جي ۽ ريٿڪ روشن وچ ۾ 2014ع ۾ لاڳاپا ان وقت ختم ٿيا، جڏهن اداڪار کيس فون تي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو هو.اداڪارا ٻڌايو هو ته مون  کي ريٿڪ روشن سان سچي محبت هئي، پر افسوس مونکي رسوائي کان سواءِ ڪجهه به نه مليو.ڪنگنا ٻڌايو هو ته ريٿڪ روشن کيس چيو ته ريٿڪ روشن ۽ سندس زال ۾ طلاق ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ هو ڪنگنا رناوت کي عوامي سطح تي اپنائيندو.جنهن کان پوءِ ريٿڪ ڪنگنا جي انهن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي ڪنگنا مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.اداڪار ريٿڪ روشن ڪنگنا تي الزام لڳايو هو ته اداڪارا هن کي بازيبا اي ميلز موڪليون جڏهن ته هن کي بليڪ ميل ۽ پريشان به ڪيو هو.پر هاڻ ريٿڪ روشن جي ڀيڻ جو بيان سامهون اچڻ کان پوءِ ڪنگنا رناوت جي ڀيڻ رنگولي ٽوئٽ ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.رنگولي جيڪا ڪنگنا جي مينيجر به آهي، هن لکيو ته ريٿڪ روشن ۽ سندس فيملي سنينا روشن کي جسماني تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا آهن، جنهن جو سبب رڳو اهو ته سنينا دهلي سان واسطو رکندڙ هڪ مسلمان ڇوڪري سان محبت ڪندي هئي.رنگولي اهو به لکيو ته سنينا ڪنگنا رناوت کي ڪال ڪري هن کان مدد گھري رهي آهي، پر ڪنگنا کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هوءَ  سنينا جي مدد ڪيئن ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *