سني ديول ۽ شاهه رخ وچ ۾ 16 سالن جي ناراضگي جو انڪشاف

ممبئي (شوبز نيوز) ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار سني ديول باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان 16 سالن جي ناراضگي تي خاموشي ٽوڙيندي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 27

چيو آهي ته 1993 ۾ فلم “ڊر” جي شوٽنگ جاري هئي، هڪ سين ۾ شاهه رخ خان کي مون کي چاقو هڻڻو هو، جنهن تي مون هدايتڪار يش راج سامهون اعتراض واريو ته مان فلم ۾ ڪمانڊو آفيسر جو ڪردار نڀائي رهيو آهيان ۽ هڪ عام ماڻهو مون کي چاقو ڪيئن ٿو هڻي سگهي، جڏهن ته منهنجو پورو ڌيان به ان ڏانهن آهي، اهڙي صورتحال ۾ هو مون تي وار نٿو ڪري سگهي. انٽرويو دوران سني ديول وڌيڪ چيو ته اهو اعتراض وارڻ وقت ماڻ ڪاوڙ ۾ هئس، انڪري شاهه رخ کي شايد غلط لڳو هجي پر مان پاڻ شاهه رخ کان پري ٿيو هئس، ڇاڪاڻ ته مان ڪنهن سان نه ملندو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *