ڪنٽومينٽ چونڊ جو  حڪومتي تجربو ناڪام ويو، استعيفيٰ نه ڏيڻ جو طعنو ڏيندڙ  پاڻ عدم اعتماد پيش ڇو نٿا ڪن؟ : مولانا فضل الرحمان

لسٻيله (م.ڊ/اين اين آءِ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان اڃا مون وٽ تفصيل نه آهي. هاڻي بلوچستان وڃي رهيو آهيان ڏسون ٿا ته ڪيترا ميمبر شامل آهن ڪيترا ووٽ ملندا، بي اعتمادي رٿ آڻيندڙن کان تفصيل وٺڻ کان پوءِ ئي تصديق سان تبصرو ڪندس ڪنٽومينٽ اليڪشن حڪومت جو تجربو هو جنهن ۾ اها بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي اسان کي ڪنٽومينٽ اليڪشن سان ڪائي دلچسپي نه آهي ۽ نه ئي اسان کي مڪاني چونڊن ۾ دلچسپي اهي اسان جو ڌيان عام چونڊن تي آهي اها ڳالهه هن اربع تي درالعلوم ڀواني حب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته ڪنٽومينٽ چونڊن ۾ جيڪڏهن ڪنهن دوست حصو ورتو آهي ته ان جي پنهنجي خواهش هئي اسان لا3 ڪنٽومينٽ چونڊن جي ڪائي حيثيت نه آهي هي رڳو حڪومت جو ناڪام تجربو هو ٻيو ڪجهه نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آمريڪا جي جيڪا سپر ميسي هئي اها ختم ٿي چڪي آهي نيٽو جو هڪ طاقتور دفاعي اتحاد هو اها افعانستان کان شڪست کائي چڪو آهي هاڻي شڪست کاڌل قوت کي ڪوئي اختيار نه آهي ته اها شرطون رکي آمريڪا شڪست کائڻ کان پوءِ اولهه معيار تي هلڻ جا شرط نٿو رکي سگهي ڇو ته هو جنگ هارائي چڪو آهي افغانستان جي معاملي تي اڄ کان 20 سال اڳ جڏهن طالبان جي حڪومت هئي ان وقت چين ۽ روس واضح طور تي سامهون نه پئي آيا هاڻي ٻنهي ملڪن جو موقف واضح ٿي ويو آهي هاڻي هارايل آمريڪا کي ڪوئي حق نه آهي ته هو اولهه معيارن جي حوالي سان شرطون رکي اسان مسلمان آهيون اسلام جا پنهنجا معيار آهن اسلام اسان کي سمورن طبقن جا حق هڪ جيترا ڏيڻ جو پابند ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن ڪوئي پنهنجو ساٿي ڪک ۾ خنجر هڻي ته ظاهر آهي تڪليف ٿيندي پر ان جي باوجود پي ڊي ايم تحريڪ ۾ عوام جو جذبو برقرار آهي تحريڪ پنهنجي حساب سان هلي رهي آهي پر ڪجهه معاملا هئا. جيڪي رمضان شريف ۽ موسم جي گرمي ۽ ڪووڊ 19 جي ڪري خاموشي سان رهيا پر تازو ئي سوات ۽ ڪراچي جي جلسن ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام پي ڊي ايم سان گڏ آهي پي ڊي يم ۾ شامل سمورين پارٽين ۾ اتحاد قائم آهي هاڻي اسان فيصلو ڪيو ته ٻين متاثر طبقن کي به پي ڊي ايم ۾ شامل ڪنداسين ان ڏس ۾ 26 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ هڪ ڪنوينشن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي جتي صحافين سميت ٻين سمورن طبقن سان واسطو رکندڙ جيڪي هن حڪومت سان متاٿر اهن انهن کي گڏ کڻي صلاح مشورا ڪري تحريڪ کي اڳيان وڌائينداسين. مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته جيڪي اسان کي استعيفيٰ نه ڏيڻ جو طعنو ڏيڻ وارا پاڻ عدم اعتماد پيش ڇو نٿا ڪن؟ پنجاب ۾ تبديلي جي پيپلز پارٽي جي خواهش واري سوال تي ، مولانا فضل الرحمان طنزيه انداز ۾ چيو ته بي اعتمادي ، اسان جي راءِ ، اسان جي راءِ ، وڏي دانش جي راءِ …ته پوءِ پيش ڪيو نه عدم اعتماد، آرام سان ڇو ويٺا آهيو؟هن چيو ته اهي اسان کي ته طعنا ڏيو ٿا ته استعيفائون ڇو نٿا ڏيو، پاڻ تحريڪ ڇو نٿا پيش ڪيو؟ 6 ميمبرن تي عدم اعتماد جي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، اها بيوقوفي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *