موڪلون گذارڻ لاءِ دپيڪا ۽ رنوير سنگهه ڪروڙين رپين جو گھر خريد ڪري ورتو

علي باغ( شوبزنيوز)باليووڊ جي ناليواري جوڙي اداڪارا ڊپيڪا پڊوڪون ۽ اداڪار رنوير سنگهه تازو ممبئي ۾ هڪ نئون بنگلو ورتو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هلندڙ هفتي ٻنهي کي ممبئي جي علائقي علي باغ ۾ ڏٺو ويو هو ۽ هاڻي اهي اطلاع آهن ته هنن موڪلون گذارڻ لاءِ اتي ئي بنگلو ورتو آهي.رپورٽ موجب دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه علي باغ ۾ رجسٽرار آفيس پهچي بنگلو خريد ڪرڻ لاءِ ڪاغذي ڪم مڪمل ڪرايو آهي جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ رپيا آهي.انکانسواءِ ان گهر جي اسٽيمپ ڊيوٽي جي صورت ۾ تقريبن 1 ڪروڙ 32 لک رپيا ادا ڪرڻا پوندا.دپيڪا ۽ رنوير اهو بنگلو علي باغ جي ساحلي علائقي ۾ خريد ڪيو آهي جڏهن ته بنگلي ۾ ناريل ۽ سوپارين جا وڻ به لڳل آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *