ڪنٽرول لائين جي لاڳيتو ڀڃڪڙي، ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پنجون ڀيرو پرڏيهي آفيس طلب

اسلام آباد (بيورو) ڪنٽرول لائين جي لاڳيتو خلاف ورزي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي هڪ مهيند دوران پنجون ڀيرو پرڏيهي آفيس طلب ڪري پاڪستان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.ڀارتي فوج پاران عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊي تي بنا جواز فائرنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ هن وقت تائين ڪيترائي پاڪستانيشهري شهيد ۽ زخمي ٿي چڪا آهن. پرڏيي ترجمان موجب ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سگهه کي ڊائريڪٽر جنرل سائوٿ ايشيا کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران خلاف ورزي تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط ڏنو ويو ۽ گذريل ٻن مهينن ۾ ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊي تي فائربندي معاهدي جي 70 ڀيرا خلاف ورزي ڪرڻ تي احتجاج ڪيو ويو. ڀارت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته 15 ۽ 16 آگسٽ تي ڪوٽلي سيڪٽرن ۾ پنهنجي فورسز پاران ڪيل فائرنگ جي جانچ ڪري ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي بابت پاڪستان کي آگاهه ڪيو وڃي. ترجمان موجب 15 ۽ 16 آگسٽ تي فائرنگ سبب 3 معصوم شهري شهيد جڏهن ته 15 شهري سخت زخمي ٿيا هئا. هلندڙ مهيني ۾ پنجون ڀيرو ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *