اُتر وزيرستان ۽ خيبرجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فضائي ڪارروائي، 65 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (بيورو) اُتر وزيرستان ۽ خيبرايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فضائي ڪارروائي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 65 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. آئي ايس پي آر موجب جيٽ جهازن اُتر وزيرستان جي علائقي گرلمائي ۽ شوال ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، ڪارروائي دوران گهٽ ۾ گهٽ 50 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندن هٿيارن جو ڊپو تباهه ڪيو ويو. ان کان اڳ ۾ سيڪيورٽي فورسز خيبرايجنسي ۾ پاڪ افغان سرحدي علائقيرجگال ۾ دهشتگردن خلاف فضائي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا. ڪارروائي دوران 2 آپگهاتي حملي آور مارجڻ جا به اطلاع آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اُتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 40 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *