ڪنٽرول لائن تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، 2 پيرسن شهيد، ڀارتي ڊپٽي هاءِ  ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب، پاڪستان جو سخت احتجاج

اسلام آباد/راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج طرفان ايل او سي تي بنا سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه پيرسن شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فورسز سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ايل او سي جي تته پاني سيڪٽر ۾ شهري آبادي تي بنا سبب فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ ڳوٺ نگرائي جا رهواسي ٻه بزرگ شهري شهيد ٿيا، جن ۾ 75 ورهين جو لال محمد ۽ 61 ورهين جو حسن دين شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارتي فوج شهري آبادي تي مارٽر ۽ اينٽي ٽينڪ گائيڊڊ ميزائل فائر ڪيا، جڏهن ته پاڪ فوج دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ ڪجهه زخمي ٿيا.

ٻئي طرف پاڪستان ڪنٽرول لائين تي بنا جواز فائرنگ تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج ۽ ڀارتي فوج طرفان جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊي جي سائوٿ ايشيا ۽ سارڪ ڊيسڪ ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارتي فوج جي ايل او سي تي جنگ بند معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ سول آبادي کي نشانو بڻائڻ تي سخت احتجاج ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ڀارت تي زور وڌو آهي ته 2003ع جي جنگ بندي مفاهمت جو احتراف ڪري، ڀارتي فوج تته پاڻي ۽ چيري ڪوٽ سيڪٽرز ۾ بنا جواز فائرنگ ڪئي، جنهن سبب 2 بزرگ شهيد جڏهن ته هڪ معصوم شهري زخمي ٿيو. ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول تي شهري آبادي کي ڳري اسلحي سان نشانو بڻايو پيو وڃي، ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ انساني عظمت ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارت طرفان جنگ بندي جي ڀڃڪڙي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي،

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *