پلاسٽڪ بيگ جي روڪٿام جو عملي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان پلاسٽڪ بيڪ جي روڪٿام جو عملي قدم شروع ڪري ڇڏيو آهي جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي انتظاميه اسپتال جي حد ۾ پلاسٽڪ بيگز تي منع قرار ڏيئي ڇڏيو بئريسٽر مرتضيٰ ڳوهان چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۽ سر سيد انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پلاسٽڪ بيگز جي استعمال تي پابندي هڻي ڇڏي جيڪو بهترين عمل آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب اميد ڏيکاري ته ٻيا تعليمي ادارا به سنڌ حڪومت جي هن بهتر قدم تي عمل ڪندا خانگي ادارن کي به پنهنجي حدن ۾ پلاستڪ بيگز جي استعمال کي روڪڻ گهرجي هن چيو ته ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ هر ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *