ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ تباهي ڦهلائي. موت جي سزا جو فيصلو درست آهي: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو ملڪ دشمن آهي، ان لاءِ ان جي ڦاسي جي حق ۾ آهي، منهنجي دوستن کي اغوا ڪرائڻ ۾ چوڌري نثار جو هٿ آهي، جيڪڏهن چوڌري نثار منهنجي دوستن جي اغوا معاملي ۾ بي وس آهي ته عهدو ڇڏي ڏئي، نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي صدر چيو ته پيپلز پارٽي پاڪستاني شهرين کي موت جي سزا ڏيڻ خلاف آهي، پر جيڪي به ملڪ دشمن عنصر آهن، انهن کي ضرور ڦاسي ڏيڻ گهرجي، اسان پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪنهن پاڪستاني کي ڦاسي نه ڏني پر ملڪ دشمن عنصرن کي ڦاسيون ڏنيون ويون، هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو پاڪستان ۾ تباهي ڦهلائي ان لاءِ ان جي موت جي سزا جو فيصلو درست آهي، ڀارتي جاسوس پاڪستان آيو ئي ڇو؟ ڀارتي جاسوس کي سزا ڏيڻ اسان جو حق آهي، پنهنجي دوستن جي گم ٿيڻ معاملي تي ڳالهائيندي اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته سندس دوستن کي وفاقي حڪومت اغوا ڪري رهي آهي، ۽ انهن جي اغوا ۾ گهرو وزير چوڌري نثار جو هٿ آهي، هن چيو ته چوڌري نثار منهنجي دوستن کي بازياب نٿو ڪرائي سگهي ۽ ان معاملي ۾ بي وس آهي ته عهدو ڇڏي ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *