عوام عمران خان کي 2018 ۾ پاڪستان کان رخصت ڪندو : مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاناما قوم جو نه اوهان جو سياسي مسئلو آهي، هن چيو ته عمران خان ڪوڙ، نااهلي، فسادي سياست سان پوري قوم جو صبر آزمائي رهيو آهي، هن چيو ته عوام عمران خان کي 2018 ۾ پاڪستان کان رخصت ڪندو، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان خيبر پختونخواهه جي عوام طرف رخ ڪري، پاڪستان جو عوام عمران خان کي رد ڪري چڪو آهي، عمران خان پاناما جو فيصلو سپريم ڪورٽ تي ڇڏي ڏيو، اليڪشن ڪميشن ۾ پرڏيهي فنڊن جو جواب ڏيو، جيڪڏهن چوري ناهي ڪي ته تلاشي ڏيو، سوال جو جواب گار سان نه ڏيو، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب آرٽيڪل 62، 63 تي پنهنجو جواب اليڪشن ڪميشن ۾ ڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *