ڪشمير ۾ عوام کان زمين ۽ روزگار ۾ امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي: گڏيل قومون

جنيوا(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن ڀارت جي بندوبست هيٺ ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. يو اين هيومن رائٽس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي بندوبست هيٺ ڪشمير ۾ عوام کان زمين ۽ روزگار ۾ امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي، ڀارت ڪشمير جي خاص حيثيت کي هڪ طرفي طور تي ڪالعدم قرار ڏنو آهي. انساني حقن جي ماهرن جو اِهو به چوڻ آهي ته ڀارت ڪشمير ۾ مئي 2020ع ۾ نالي ماتر ڊوميسائل قانون پاس ڪيو، ڀارت جي نالي ماتر قانون سازي سان ڪشميري عوام پنهنجو تحفظ يقيني بڻائڻ کان محروم ٿيو. يو اين ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڊوميسائل قانون لساني، مذهبي ۽ نسلي بنيادن تي آباديتي تبديلي جو خدشو وڌي رهيو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير جي عوام جي معاشي، معاسرتي ۽ ثقافتي حقن جو تحفظ ڪري.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *