پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن خطي جي مفاد ۾ آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان روسي صدر جي افغانستان بابت نمائندي ضمير ڪابلو ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان روسي صدر جي افغانستان بابت نمائندي ضمير ڪابلو جي ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغان امن عمل بابت روسي نمائندي پاڪستان جي مثبت ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پاڪ روس لاڳاپا ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندا ان کان سواءِ ڌريون ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *