ڪشمير ميڊيا سيل قائم ڪرڻ جو اعلان، عمران خان ڪشميرين جي جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪوشان آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ والاريل ڪشمير جي معاملي تي سڌُ سماءَ واري وزارت ۾ ميڊيا سيل قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزير اعظم عمران خان، ڪشميرين جي جدوجهد کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪوشان آهي. خاص مددگار چيو ته پاڪستان حڪومت جي موثر سفارتڪاري جي ڪري ڪشمير هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ دنيا ان مسئلي کان تعلق نٿي رهي سگهي جنهن ۾ ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آزاد ڪسمير ۾ ميڊيا سيل قائم ڪري رهي آهي ۽ اسان طئي ڪيو آهي ته آزاد ڪشمير جي هر ضلعي ۾ پارٽي قيادت والاريل ڪشمير جي عوام جو ڪيس پيش ڪندي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سڌُ سماءَ واري وزارت ۾ خاص طور تي ڪشمير ميڊيا سيل قائم ڪيو پيو وڃي ۽ پي ٽي آءِ جو ميڊيا سيل ان سان گڏجي سڌُ سماءَ تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندو. خاص مددگار چيو ته ان ضمن ۾ پرڏيهي کاتي، والاريل ڪشمير ۽ عالمي ميڊيا کان مليل ڄاڻ کي هڪ پورٽل جي ذريعي مقامي ۽ عالمي صحافين، سول سوسائٽي ۽ عام شهرين تائين پهچايو وڃي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته فرانس ۾ عالمي سطح تي اجلاس ٿي رهيو آهي ان ۾ اڄ دنيا جي ضمير کي جنجهوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سمورن ملڪن جي قيادت جيڪا پنهنجي واپاري، ڪاروباري ۽ معاشي ڏي وٺ جي لاءِ ويهي آهي اُها ڪشمير جي اندر ٿيندڙ انسانيت جي تذليل جي لاءِ  به واضح موقف کي بيان ڪري ۽ مودي کي ان جي جارحاڻي قدمن کان روڪي. خاص مددگار چيو ته سلامتي ڪونسل سميت سمورا ادارا  اُهي ڪليدي ڪردار ادا ڪندي اچن جيڪي انهن سوڊان ۽ تيمور ۾ اُتان جي عوام کي جائز حقن ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪري ادا ڪيو هو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ 3 هفتن کان ڪرفيو لاڳو آهي، مظلوم ڪشميري حسرت سان دنيا ڏانهن ڏسي رهيا آهن، انهن سان رابطا ختم ڪيا ويا آهن، انهن کي زندگي جون بنيادي سهولتون پڻ نه پيون ڏنيون وڃن ۽ هو رياستي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *