پاڪ ڀارت مسئلا ٻطرفا آهن، مودي ڪشمير تي ٽرمپ جي ٽياڪڙي رد ڪري ڇڏي. ٻنهي ملڪن جي مدد لاءِ موجود آهيون:ٽرمپ

بيارٽز(اين اين آءِ) ڀرتي وزيراعظم نريندر مودي والاريل ڪشمير جي معاملي تي صدر ٽرمپ آڏو هي ان جي ٽياڪڙي جي آڇ کي هڪ دفعو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان پنهنجا اختلاف پاڻ ۾ حل ڪندا فرانس جي شهر بيارٽز ۾ جي سيون ڪانفرنس دوران صدر ٽرمپ ۽ ڀارتي وزيراعظم مودي وچ ۾ سائيڊ لائين تي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ٻنهي اڳواڻن والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ واپاري معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ميڊيا بريفنگ دوران ٽرمپ چيو ته مودي کيس ٻڌايو ته ڪشمير ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي ٽرمپ چيو ته اسان جي گذريل رات ڪشمير تي ڳالهه ٿي وزيراعظم مودي سمجهي ٿو ته سڀڪجهه ڪنٽرول ۾ آهي آمريڪي صدر چيو ته هو پاڪستان سان ڳالهه ڪري ٿو ۽ کيس يقين آهي ته اهو ڪجهه ڪري وٺندو جيڪو تمام سٺو ٿيندو ٽرمپ چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان پنهنجا اختلاف پاڻ ۾ حل ڪندا ان موقعي تي مودي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سمورا مسئلا ٻطرفا آهن ان لاءِ ڪنهن ٽئين ملڪ کي تڪليف نٿا ڏيڻ چاهيون مودي چيو ته وزيراعظم عمران خان کي ان جي فتح تي جڏهن مبارڪ ڏني هئي ته چيو هو ته ڀارت ۽ پاڪستان غربت جي خلاف گڏ وڙهندا ۽ ماڻهن جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري ۾ ٽرمپ واپاريل ڪشمير جي معاملي تي ٽياڪڙي جيآڇ ڪئي هئي جڏهن ته ڀارت هٺڌرمي جو مطآهرو ڪندي ٽرمپ جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو هو وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري کان پوءِ ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي ۽ وادي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جتي گذريل ڪيترن ڏينهن کان ڪرفيو لڳل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *