ڪشمير مسئلي جي حل بنا خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي: پاڪستان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ڀارت آڏو جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري وارو معاملو اٿاريو آهي ۽ بلوچستان توڙي ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ”را“ جي ملوث هجڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري هارٽ آف ايشيا استنبول پراسيس جي اجلاس جي موقعي تي نئين دهلي ۾ ڀارتي هم منصب ايس جي شنڪر سان ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا سماجي رابطي واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري ڀارتي هم منصب کي ٻڌايو ته اهڙي قسم جي واقعن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ وارين ڪوششن کي نقصان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري سمجهوتا ايڪسپريس ڌماڪن جي مک شڪي جوابدارن جي آزادي لاءِ ڀارت طرفان پيدا ڪيل ماحول تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته بار بار درخواست باوجود ڀارت پاڪستان کي سمجهوتا ايڪسپريس جي واقعي جي تحقيقاتي رپورٽن کان آگاهه ناهي ڪيو جنهن ۾ 42 پاڪستاني اجل جو شڪار ٿيا هئا. هن يقين ظاهر ڪيو ته هاڻوڪن اعليٰ سطحي رابطن ذريعي پيدا ٿيل خيرسگالي واري جذبي طور ٻئي ملڪ پائيدار، بامقصد ۽ جامع ڳالهين واري عمل لاءِ پرعزم رهندا. پرڏيهي سيڪريٽري جامع ڳالهين جي جلد شروعات جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن لاءِ ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري کي پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي. هن وزيراعظم محمد نواز شريف جي ويزن مطابق ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. اعزاز احمد چوڌري اڱاري ڏينهن نئين دهلي پهتو. هن چيو ته ملاقات سان ٻه طرفن لاڳاپن جي تناظر ۾ ٿيل هاڻوڪي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه جو هڪ لاڀائتو موقعو مليو آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته ڄمون ڪشمير تڪرار سميت سمورن حل طلب معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي سيڪريٽري  ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪشمير هڪ بنيادي مسئلو آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشمن مطابق منصفاڻي نموني حل ٿيڻ ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *