وڏي وزير جي بلاول ڀٽو سان ملاقات، ترقياتي ڪمن تي پورو ڌيان آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڱاري ڏينهن بلاول هائوس ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. وزيراعليٰ ان موقعي تي پارٽي چيئرمين کي صوبي جي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي رٿائن جي باري ۾ آگاهي ڏني. وڏي وزير کيس ٻڌايو ته سنڌ سرڪار صوبي اندر ترقياتي ڪمن تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ ترقياتي رٿائن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ته جيئن عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف ڏئي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *