ڪشمير مسئلي تي پاڪستان حڪومت عالمي ڪانفرنس گھرائي ۽ وفد ٺاهي دنيا ۾ موڪلي: سراج الحق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪومت طرفان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ سٺي ڳالهه آهي پر بهتر اهو هجي ها ته حڪومت پنهنجي تياري سان اچي ها. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سراج الحق چيو ته هن وقت تائين اجلاس ۾ جيترن اڳوانن کي ٻڌو آهي، جن اهو ئي چيو ته وزيراعظم قدم وڌايو اسان اوهان سان گڏ آهيون پر قدم وڌائڻو پوندو. هن چيو ته ڪشمير اهو بدقسمت حصو آهي، جنهن کي ايسٽ انڊيا ڪمپني 1846ع ۾ سک حڪمران کي وڪرو ڪيو هو پر اها هڪ اهڙي عظيم قوم آهي، جنهن جي جدوجهد جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير جي ايراضي دنيا جي 114 ملڪن کان وڌيڪ، جڏهن ته ان جي آبادي دنيا جي 112 ملڪن کان گھڻي آهي، جيڪا ڀارت، پاڪستان ۽ چين جي انتظام هيٺ آهي. سراج الحق چيو ته اهي ڪشميري آهن، جيڪي پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن، اهي ڀارتي غلامي کي رد ڪندا آهن، پنهنجي قبرن تي پاڪستان جو جهنڊو سجائيندا آهن ۽ ان بابت عالمي ادارا چوندا آهن ته اهو چئني پاسن کان گهيريل آهي. هن چيو ته اسان ڪشميرين جو رڳو ان ڪري ساٿ ناهيون ڏيندا ته اهو خطو پاڪستان سان گڏ آهي پر ناحق مارجندڙ مسلمانن جي حفاظت ڪرڻ بابت قرآن ۾ حڪم به آهن، ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو اهو منصوبو اڄ جو نه آهي پر ان جي تياري اڳ کان جاري هئي، ڇو جو ڀارت ڪنٽرول لائن تي ڪنڊيدار تار لڳائي ڀت برلن تيار ڪري رهيو هو ۽ اسان جا حڪمران خاموش ويٺا هئا. جماعت اسلامي امير چيو ته ڀارتي قدم اتي ئي ختم نه ٿيندو پر اهي گلگت بلتستان جو مطالبو به ڪندا، هنن اڳ ئي پاڪستان ۾ ايندڙ درياهن جو رخ ڊيم ٺاهي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سراج الحق چيو ته ڪشميرين لاءِ وڙهڻ پاڪستان لاءِ وڙهڻ ۽ مرڻ آهي، ڇو جو ڀارت جو ٻيو هدف پاڪستان ئي هوندو، جيڪڏهن ڏکڻ سوڊان، يوگوسلاويا ۾ گوريلا جنگ ڪامياب ٿي، اوڀر تيمور جي تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ هڪ نئون ملڪ ٺهيو ته ڪشمير جو مسئلو ڇو حل ناهي ٿيو. هن تجويز ڏني ته ڪشمير مسئلي تي پاڪستان حڪومت هڪ عالمي ڪانفرنس گھرائي ۽ سڀني پارليامينٽ ميمبرن تي ٻڌل 120 وفد ٺاهي دنيا ۾ موڪلي ۽ ان موقعي مان فائدو وٺي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *