سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي پر وزيراعظم سان گڏ ناهي ، پاڪستان ڪشمير تان هٿ ڌوئي ويٺو: ن ليگ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر مشاهدالله خان چيو آهي ته سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي پر وزيراعظم سان گڏ ناهي. مشاهد الله خان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ته حڪومتي بئنچن تان کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي اجلاس ۾ گور ٿي ويو. مشاهد الله خان چيو ته ڪالهه وزيراعظم جي اڏام جيتري دير جو شڪار ٿي شايد ڪا به اڏام ايتري دير جو شڪار نه ٿي هجي، پهريون ڀيرو محسوس ڪيو ته اپوزيشن کان ڪجهه پڇيو پيو وڃي ته ڇا ڪجي؟ اسان کان ڇو ٿا پڇو، جن کان اڳ ۾ پڇندا هيئو انهن کان پڇو. هن چيو ته توهان پڇيو ته آئون ڇا ڪريان؟ توهان کي ٻڌايون ٿا ته ڇا ڪريو، توهان نريندر مودي کي مس ڪالون هڻندا هيئو ۽ هو اٽينڊ نه ڪندو هو، جڏهن ڪجهه بنا ڪجهه ڪرڻ جي ڪا شئي هٿ اچي وڃي ته ائين ئي ٿيندو آهي، زرداري صاحب وٽ هليا وڃو، اهو اهڙو طريقو ٻڌائيندو جو مودي توهان جي ڪال ضرور اٽينڊ ڪندو. مشاهد الله خان چيو ته وزيراعظم جي آمريڪي صدر سان وائيٽ هائوس ۾ گھمڻ دوران جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي سموري اتي ٿي هئي، اڄ حريت اڳواڻ يا ته تهاڙ جيل ۾ آهن يا نظر بند آهن، جڏهن ته چين جيڪو بيان ڏنو اهو لداخ لاءِ آهي. ن ليگ سينيٽر چيو ته سڄي قوم فوج سان گڏ آهي پر وزيراعظم سان گڏ ناهي، هڪ ٿيڻ لاءِ خير سگالي جو جذبو پيدا ڪرڻ گھرجي، اسان کي پنهنجي پاليسين ۾ به تبديلي آڻڻي پوندي، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو ته توهان کي سوچڻو پوندو ته نواز شريف جيل ۾ ڇو آهي  ٻئي طرف

ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته وزيراعظم اسان کي پنهنجي خطاب دوران تاريخ ٻڌائي پر ان تاريخ جو مطلب هوندو آهي ته ان مان سبق حاصل ڪيو وڃي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان ڀارت سان پنهنجي امن پاليسي جاري رکي پر اها ناڪام ٿي وئي، پاڪستان والاريل ڪشمير تان هٿ ڌوئي ويٺو آهي، اسان ڀارت سان رابطو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر ڀارت طرفان ڪو به رد عمل نه ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان اميد لڳائي هئي ته نريندر مودي وزيراعظم چونڊجي اسان کي ڪشمير مسئلي جو حل ڏيندو پر هن جيڪو حل ڏنو آهي، اهو سڄي دنيا ڏسي ورتو آهي. خواجا آصف چيو ته ڀارت ڪشميرين کان انهن جا حق کسيندو ۽ ان معاملي ۾ ڀارت اڪيلو ناهي، ان کي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اهو ٻڌائي ويو آهي. خواجا آصف چيو ته جيڪي ملڪ معاشي طور ڪمزور ٿي ويندا آهن، اهي اڪيلا ٿي ويندا آهن ۽ پاڪستان سان ائين ئي ٿيو آهي. ن ليگ اڳواڻ خدشو ظاهر ڪندي چيو ته اڄ ڪشميرين کي ايل او سي جي هن پاسي ڌڪيو ويندو ۽ اهو ئي ڊرامو ٿي رهيو آهي جيڪو اسرائيل فلسطين ۾ مسلمانن سان ڪيو ۽ هنن کي اردن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان نازڪ دور مان گذري رهيو آهي پر ملڪ جي سياسي صفن ۾ اتحاد نه آهي، ڪشمير جو اهو معاملو اسان سان تقاضو ڪري رهيو آهي ته اسان سفارتي سطح تي خاص ڪري اسلامي دنيا ۾ ان کي اٿاريون. هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ان مسئلي جو حڪومت حل ئي نٿي چاهي، نه ئي ان ڏس ۾ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو ٿيڻو هو اهو ٿي ويو آهي، ڪشميري خراب حالتن ۾ آهن، 1989ع کان هن وقت تائين هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن. خواجا آصف چيو ته ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي پاليسي ناڪامي جو شڪار ٿي چڪي آهي، هاڻ اها ڳالهه رڳو ٺهراءَ تائين محدود نه رهڻ گھرجي، ان مسئلي تي اسان جون وڇوٽيون ختم ٿيڻ گهرجن، جنهن سان ڪشمير ۾ هڪ سٺو پيغام وڃي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ اخلاقي بدحالي آهي، اهڙي حالت ۾ نه  توهان ڪشمير جي مدد ڪري سگھو ٿا ۽ نه ئي دنيا توهان جي مدد ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *