ڪشمير مسئلي تي تڪرار نٿا چاهيون، خبر ناهي حڪومت ڇو پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻڻ چاهي ٿي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ڪشمير مسئلي جي ايشو تي تڪرار نٿا چاهيون  تنهن هوندي خبر ناهي ته حڪومت ڇو پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هڻڻ چاهي ٿي، ڇا مخالف ڌر کي تنقيد جو حق به ناهي؟ جيڪڏهن حڪومت چاهي ٿي ته مخالف ڌر جي وات تي ٽيڪ لڳائي ته ٺيڪ آهي. اسان حڪومت کي سپورٽ ڏيڻ جي لاءِ ايوان ۾ ويٺا آهيون، پاڪستان جي لاءِ رت ڏيندڙڻ کي غدار چوڻ ڪٿان جو انصاف آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سينيٽر مشاهد الله خان کان پوءِ خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته اسان اتحاد جي ڳالهه ڪئي آهي اسن هڪ ايوان ۾ به هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته حڪومتي ميمبر پارٽي  قيادت سان دشمني ڇو ڪري رهيا آهن.  توهان جي اڳواڻ توهان جو ڇا بگاڙيو آهي جو توهان ان کان بدلو وٺي رهيا آهيو؟ اسان کي برو ڀلو ناهي چيو  تنهن هوندي اسان ههڙي ماحول ۾ ايوان  نٿا ويهي سگهون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *