وڏي وزير متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، عملدرآمد ڇو ناهي ٿيو؟: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا سانحي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي. چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري جي 3 رڪني بينچ ڪوئيٽا سانحي بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن ڌرين جا بيان قلمبند ڪري مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي، چيف جسٽس سانحي جي متاثرن کي معاوضو نه ملڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي وڏو وزير فوري طور پنهنجي اعلانن تي عمل ڪري. ٻڌڻي دوران متاثر ڌر جي وڪيل ٻڌايو ته ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيد ٿيل ۽ زخمي وڪيلن کي اڃا تائين معاوضو نه ملي سگهيو آهي، جنهن سبب هو مالي مسئلن جو شڪار آهن. چيف جسٽس بلوچستان سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رماڪس ڏنا ته وڏي وزير متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، ٻڌايو وڃي ته هيل تائين عملدرآمد ڇو ناهي ٿي سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *