ڪشمير مسئلو هڪ رات ۾ حل ٿيڻ وارو ناهي، تحريڪ هلائڻي پوندي: فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي تاريخ سان ڳنڍيل آهي، ڪشميرين جو چوٿون نسل آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آهي، اسان کي ڪشمير مسئلو تحريڪ جي صورت ۾ ڏسڻ گهرجي. ڪشمير سيمينار کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪشمير مسئلو هڪ رات ۾ حل ٿيڻ وارو ناهي، ان لاءِ تحريڪ هلائڻي پوندي، جنهن لاءِ حڪمت عملي ضروري آهي، اسان وٽ تحريڪ جي تصور کي جيئرو رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. هن چيو ته اسرائيل اڄ فلسطينين جي آزادي واري جنگ کي رياستي دهشتگردي قرار ڏئي رهيو آهي، بيت المقدس اسرائيل جو تخت گاهه نٿو بڻجي سگهي، ان فيصلي تي آمريڪا به اڪيلائي جو شڪار آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *