نواز شريف تحريڪ عدل جي تاريخ ڏئي، اسان ساڳئي ڏينهن تحريڪ قصاص شروع ڪنداسين: طاهر القادري

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ طاهر قادري چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي تحريڪ عدل هلائڻ جي تاريخ ڏئي، ان ڏينهن ماڊل ٽائون جي رتو ڇاڻ خلاف سندس خلاف قصاص قتل جي تحريڪ شروع ڪنداسين، منهنجو اندازو آهي ته هي مارچ ۾ داخل ٿيندي نظر نٿا اچن، 31 ڊسمبر جي ڊيڊ لائين حتمي آهي، سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان مشاورت جاري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ڪانفرنس جي سربراهه سردار عتيق احمد سان گڏ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نواز شريف ظلم ۽ بريبت جو مثال آهي جيڪڏهن ان جا ٽِيليفون ٻڌا وڃن، مرضي جا فيصلا اچن ته اهو خوش، ذاتي رعايت کي انصاف سمجهي ٿو، نواز شريف هاڻ صرف ميڊيا تي تحريڪ هلائيندي نظر ايندو، رستن ۾ نڪرڻ جي ان ۾ سگهه ناهي رهي، ماڊل ٽائون جي رتو ڇاڻ کانپوءِ نواز شريف، شهباز شريف کي عدل ۽ انصاف جو نالو وٺندي شرم اچڻ گهرجي، طاهر قادري سردار عتيق احمد ۽ ان جي سينيئر اڳواڻن جو مرڪزي سيڪريٽريٽ اچڻ ۽ ماڊل ٽائون شهيدن جي وارثن سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو، ان موقعي تي سردار عتيق احمد خان چيو ته جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ پنجاب حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو، اسان سربراهه عوامي تحريڪ پاران استعيفائن جي مطالبي کي حق به جانب سمجهندي حمايت ڪريون ٿا، ماڊل ٽائون سانحو رياستي دهشتگردي جو بدترين سانحو آهي، طاهر قادري انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا تاريخ ڏيندو مسلم ڪانفرنس آزاد ڪشمير سميت هر هنڌ ساڻس گڏ هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *