ڪشمير تي خاموشي اختيار ڪندڙ سمورين دنيا جي طاقتن کي جهنجهوڙيندا رهنداسين: سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  اطلاعات ۽ پورهئي کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اڄ سموري ملڪ ۾ دفاع جي ڏينهن کي پاڪستان جي شهيدن سان جوڙيو ويو آهي ۽ اڄ سمورا سرڪاري اهلڪار، وزير، پوليس ۽ پاڪ فوج جا اعليٰ آفيسر شهيدن جي گهرن ۾ ان شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن. ان ملڪ جي دفاع سياست ۽ قيام امن لاءِ پاڪ فوج، رينجر، پوليس ۽ ٻيا امن وامان جي بحالي واري ادارن ۽ شهيدن کي اسان خراج عقيدت پيش ڪندا آهيون. اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ريلين ۽ تقريب جو انعقاد ڪري رهيا آهيون ۽ اهو سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ڪشمير ۾ 80 لک مسلمانن تي انڊين ظلم بند نه ٿيندا . اسان عالمي سطح تي ان سمورن بين الاقومي قوتن کي اٿارينداسين جيڪي هاڻي تائين ڪشمير جي معاملي تي خاموشي اختيار ڪيو ويٺا آهن ڪراچي ۾ شهيد ڊي ايس پي قاسم غوري ۽ شهيد انسپيڪٽر افتخار احمد کي سلام پيش ڪندا آهيون جنهن هن شهر ۽ صوبي م قيام امن لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي جي ڏينهن شهيد ڊي ايس پي قاسم غوري ۽ شهيد انسپيڪٽر افتخار احمد جي گهر وڃي ان جي گهر ڀاتين سان تعزيت ڪئي ۽ شهيدن جي درجات جي بلندي لاءِ فاتح خواني ڪئي ان موقعي تي ڊي آئي جي سي آئي ڊي عارف حنيف، انسپيڪٽر شوڪت اعواڻ ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر ان سان گڏ موجود هئا صوبائي وزير اطلاعات سعيد غني شهيد قاسم غوري جي گهر ان جي پٽ نعمان غوري سان ان جي والد جي شهادت تي تعزيت ڪئي ۽ فاته خواني ڪئي ان موقعي تي هن چيو ته شهيد قاسم غوري هڪ نڊر ۽ بهادر پوليس آفيسر هيو ۽ ان جي هن شهر ۾ قيام امن لاءِ خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نه ڪبو صوبائي وزير شهيد قاسم غوري جي پوئنرن کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس شهيد قاسم غوري جي پوئنرن سان هر ممڪن تعاون جاري رکندي ٻئي پاسي صوبائي وزير نيو ٽائون پوليس هيڊ ڪواٽر ۾ رهائش پذير انسپيڪٽر شهيد افتخار احمد جي گهر ان جي بيوهه ڀيڻويي ۽ سالي سان ملاقات ڪئي ۽ شهيد جي ايثال ثواب لاءِ فاتح خواني ڪئي ان موقعي تي شهيد افتخار احمد جون چارئي معصوم نياڻيون موجود هيون صوبائي وزير ان نياڻين جي حوالي سان شهيد جي بيوهه کان معلومات ورتي هن ٻڌايو ته ٽئي نياڻيون اسڪول وينديون آهن ۽ ٽئي نياڻيون پنهنجي اسڪول ۾ پوزيشن حاصل ڪنديون آهن هن چيو ته شهيد افتخار جي شهادت کانپوءِ ان جو ڀاءُ جيڪو پنجاب ۾ رهائش پذير هيو اهو مستقل طور هتي اچي ويو آهي ۽ ان ٻارن جي ڪفالت ڪري رهيو آهي صوبائي وزير سعيد غني شهيد افتخار احمد جي بيوهه جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته ٻارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت  ۽ انهن جي اسڪول ۾ پوزيشن اچڻ جي خبر سان هن کي خوشي محسوس ٿي آهي هن چيو ته شهيد افتخار ان شهر ۽ صوبي جي عوام کي امن جي فراهمي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو آهي ۽ اڄ سموري قوم پنهنجي شهيدن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سعيد غني چيو ته اڄ سموري ملڪ م دفاع جي ڏينهن سان گڏو گڏ شهيدن جو ڏهاڙو به منائي رهيا آهيون اچو شهيدن جي گهر هلون جي بينر هيٺ سموري ملڪ ۾ اهلڪار وزير قومي اسيمبلي جا اڳواڻ پوليس، رينجر، ۽ پاڪ فوج جا اعليٰ آفيسر ان ملڪ ۽ صوبي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانه ڏيندڙ پوليس ۽ ٻيا امن وامان جي بحالي جا ادارا شهيدن جي گهرن تي انهن جي پوئنرن سان تعزيت ڪري رهيا آهن سعيد غني چيو ته اسان شهيدن جي پوئنرن سان گڏ آهيون ۽ انهن جا جيڪي به مسئلا آهن انهن کي حل ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي م پوليس جو پوليس ويلفيئر  کاتو انهن سان مڪمل رابطي ۾ آهي هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته اسان پنهنجي ڪشمير ڀائرن سان ٻڌي طور ڏينهن ملهائن جو به فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي سموري ملڪ ۾ ريلين ۽ تقريبن جو انعقاد ڪيو آهي ڪراچي ۾ ٽاور کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويندي هن چيو ته مقبوضه ڪشمير ۾ 80 لک ڪشميري ڀارتي ظلم جو شڪار آهن ۽ هڪ مهيني کان اتي ڪرفيو لڳل آهي جنهن سان اتان جي عوام گهرن ۾ بند ٿي وئي آهي هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم حد کان وڌي ويا آهن ماڻهن جو اچڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيو اٿن سياست دانن کي بند ڪيو ويو اهي ڀارتي ظلمن جي ڪري ڪيترائي بيگناهه ڪشميرين جي شهادتن جو سلسلو جاري آهي سعيد غني چيو ته اسان ڪشميري ڀائرن جي آزادي لاءِ ان سلسلي کي وڌيڪ جاري رکنداسين ۽ جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ملندي ۽ عالمي قوتون جيڪي ان ظلمن کي ڏسي خاموش آهن ان قوتن کي ان وقت تائين ياد ڏياريندا رهنداسين جيستائين ڪشميرين جي خود مختياري ۽ آزادي ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *