ڪشمور ويجهو سنڌو درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 16 ڄڻا ٻڏي ويا ، 5 ڄڻن جا لاش هٿ

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو شاھوالي واري علائقي سنڌو درياهه ۾ غوثو پتڻ وٽ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا ٻڏي ويا ، جن مان پنجن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. سنڌ پنجاب جي دنگ تي شاھوالي جي ڪچي واري علائقي ۾ سنڌو درياهه پار ڪندي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي.، ٻيڙي ۾ 16 ماڻهو سوار هئا. ٻڌي فوت ٿيل ٻارڙن جي عمر  5 کان 9 سالن تائين آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڇوڪري جي عمر 17 کان 18 سالن تائين آهي ۽ ان جي شادي 25 جون تي رٿيل هئي، ٻيڙي ۾ سوار وڌيڪ ٻڏي ويلن جي لاشن جي ڳولا جاري آهي،  ٻڏي ويلن ۾ مرد عورتون ۽ ٻارڙا پڻ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *