پ پ ۽ ن ليگ جو حڪومت خلاف عوامي رابطا مهم تيز ڪرڻ تي اتفاق

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي مرڪزي قيادت حڪومت جي پالييسين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري کي روڪڻ لاءِ ٻين مخالف ڌر جي جماعتن سان گڏجي گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته موجوده نااهل ۽ غير نمائنده حڪومت جو جاري رهڻ عوام ۽ ملڪ کي تباهي ۽ نااهلي سان وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو جنهن جي تلافي ممڪن نه ٿيندي مريم نواز، بلاول ڀٽو ۽ ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران اهو اتفاق ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ٿيل ملاقات ۾ ن ليگ ۽ پ پ پاران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته نئين پاڪستان جي نالي تي ٿيندڙ فراڊ عوام وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهي، عوام مخالف ڌر ڏانهن ڏسي رهيو آهي جنهن کي مايوس نه ڪنداسين. ملاقات ۾ چيو ويو ته مقبول سياسي اڳواڻن کي بهانن سان رستي تان هٽايو ويو، مقبول عوامي سياسي قيادت جڏهن به کسي وئي ته ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهتو ۽ حادثو پيش آيو آهي. تفصيل موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي مرڪزي قيادت حڪومت جي پاليسين تي عدم اعتماد جو اظهارڪ ندي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري جي موقعي تي ٻين اپوزيشن جماعتن سان گڏجي گڏيل حڪمت عملي آڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي مريم نواز ، بلاول ڀٽو ۽ ٻنهي جماعتن جي رفيقن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال، مخالف ڌر جي نئين اي پي سي، نيب پاران مخالف ڌر جون گرفتاريون، ججز خلاف ريفرنس تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ميثاق جمهوريت جي روح موجب اڳتي وڌڻ ۽ مستقبل ۾ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز جي دعوت تي بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پ پ جو وفد جاتي امرا رائيونڊ پهتو جتي مريم نواز پارٽي اڳواڻن سان گڏ سندن آجيان ڪئي پ پ وفد ۾ قمرالزمان ڪائره، مصطفيٰ نواز کوکر، چوڌري منظور ۽ حسن مرتضيٰ شامل هئا جڏهن ته ن ليگ پاران پرويز رشيد، سردار اياز صادق، راڻا ثناءُ الله خان، محمد صفدر، مريم اورنگزيب ۽ محمد زبير، مريم نواز جي مدد ڪئي. ذريعن موجب ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات بهتر ماحول ۾ ٿي. ان موقعي تي حڪومت جي پاليسين ۽ تازي بجيٽ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته اپوزيشن جماعتون عوام کي اڪيلو نه ڇڏينديون ۽ انهن جون آواز بڻجنديون. ملاقات دوران نيب پاران مخالف ڌر جي قيادت ۽ اڳواڻن جي گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو ويو ته اهڙا هٿ ڪنڊا عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جي رستي ۾ رنڊڪ نه ٿا بڻجي سگهن ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته وفاق پاڪستان جي وحدت ۽ اعتماد جي ضمانت رڳو آئين آهي قوم کي اهڙي قيادت جي ضرورت آهي جيڪا گڏيل اعتماد ۽ اتحاد جو سبب هجي آئين جي وقار ۽ جمهوريت ۽ ملڪ کي ترقي ڏياري سگهي ٿي ٻنهي جماعتن ميثاق جمهوريت جي روح موجب اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪندي چيو ته حڪمران آئين، پارليامان، عوام، اپوزيشن، عدليه، ميڊيا سميت هر اختلافي آواز تي حملا آور آهن نئين پاڪستان جي نالي تي ٿيندڙ فراڊ قوم کي وڌيڪ برداشت ناهي ۽ عوام مخالف ڌر ڏانهن ڏسي رهيو آهيج نهن کي مايوس نه ڪنداسين آءِ ايم ايف بجيٽ عوام ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن آهي ۽ سموريون اپوزيشن جماعتون گڏجي حڪمت عملي تيار ڪنديون اڳواڻن چيو ته موجوده حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي مقبول سياسي جماعتون ئي عوام کي نئون اعتماد، مسئلن مان ڪڍڻ جي حڪمت عملي ۽ متحد ڪري سگهن ٿيون اپوزيشن اڳواڻن تي الزام عوام کي سياسي قيادت کان محروم ڪرڻ جي سازش جو حصو آهن، مقبول سياسي اڳواڻن کي بهانن سان رستي تان هٽايو ويو ڪٺ پتلي کي ويهاريو ويو سياسي جماعتون ملڪ ۽ عوام جي ڀلي لاءِ قدم نه ٿيون کڻي سگهن انهي ڪري ڪٺ پتلين کي آندو ويو ملڪ کان مقبول عوامي سياسي قيادت جڏهن به کسي وئي ملڪ ۽ عوام کي نقصان پهتو ۽ حادثو ٿيو. ذريعن موجب مريم نواز جو چوڻ هو ته ٻنهي جماعتن جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ملڪ ۾ معاشي بحران برداشت کان ٻاهر صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي نالائق ۽ ڪوڙن جي حڪومت آزاد عدليا مٿان به حملو ڪيو آهي جنهن کي نه ٿو برداشت ڪري سگهجي بلاول چيو ته ووٽ چور ۽ ڪٺتلي حڪومت عوام جي ترجماني نه ٿي ڪري سگهي جيل ڏسندڙ جماعتن کي سليڪٽيڊ حڪومت ڊيڄاري نه ٿي سگهي اپوزيشن جماعتون پنهنجي طور تي به رابطا عوامي مهم شروع ڪري چڪيون آهن جڏهن ته اي پي سي ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويندا انهن تي عمل ڪيو ويندو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران مريم نواز جي دعوت تي بلاول ڀٽو پنهنجي وفد سميت جاتي امرا رائيونڊ پهتو ۽ ملاقات ۾ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڊگهي مشاورت ٿي جنهن ۾ ٻنهي جماعتن جا اڳواڻ به شريڪ ٿيا ملاقات م موجوده ملڪي صورتحال تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته زندگي جو هر شعبو زوال ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ ان کي اقتصادي تباهه حالي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي 10 مهينن ۾ ٻه مني بجيٽ ڏيڻ کانپوءِ حڪومت جي پهرين قومي بجيٽ نه رڳو معيشت بهتر ٿيڻ جا سمورا امڪان ختم ڪري ڇڏيا آهن پر عام ماڻهوءَ تي ٽيڪسن ۽ مهانگائي جو بار وڌو ويو آهي. غريب گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو مزدور، پورهيت، هارين لاءِ زندگي عذاب بڻائي وئي آهي، بجلي گيس پيٽرول ڊيزل ۽ گاسليٽ جا اگهه ٽيڻ تي وڌايا ويا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز اتفاق ڪيو ته ملاقات دوران ايندڙ تجويزون ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن سان صلاح مشوري کانپوءِ آخري شڪل ڏني ويندي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اپوزيشن جي گڏيل حڪمت عملي لاءِ سمورين اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ انهن جماعتن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو گڏيل حڪمت عملي جو دائرو انهن سياسي جماعتن تائين به وڌايو ويندو جن پي ٽي آءِ حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ان کي ووٽ ڏنو هو يا ان جا اتحادي آهن. اهي به حڪومتي پاليسين سان اتفاق نه پيا ڪن پڌرنامي موجب ملاقات معزز ججز صاحبن جي خلاف حڪومتي ريفرنس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اعليٰ عدليه جي جج خلاف ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل ۽ عدليه جي آزادي تي حملو آهي ٻنهي اڳواڻن پاران جج صاحب جي خلاف حڪومت پاران ريفرنس داخل ڪرڻ جي سخت مذمت پڻ ڪئي وئي آهي . ٻنهي جماعتن جو آزاد عدليه ۽ خودمختياري لاءِ جدوجهد جاري رکڻ تي اتفاق آهي ٻنهي اڳواڻن قومي اسيمبلي اسپيڪر کان گرفتار قومي اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر جانبداراڻو رويو ڇڏي ڏئي قاعدن ۽ضابطن ۽ پارلياماني روايتن موجب سمورن قيد قومي اسيمبلي جي ميمبرن جا بنا دير پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن ته جيئن اهي عوام دشمن بجيٽ تي پنهنجي تڪن جي نمائندي ڪري سگهن ۽ پنهنجي راءِ ڏئي سگهن بلاول ڀٽو زرداري مانجهاندي جي دعوت تي مريم نواز جا ٿورا مڃيا مريم نواز پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اچڻ خاص ڪري جيل ۾ محمد نواز شريف جي خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ وڃڻ تي سندس ٿورا مڃيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *